Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 3 - Hindu Sindhi Bible


پيرن کان معذور کي چڱو ڀلو ڪرڻ

1 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا.

2 اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني.

3 هن جڏهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انهن کان بہ دان گھريائين.

4 تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“

5 سو هن اها اميد رکي هنن ڏانهن نهاريو تہ اهي کيس ڪجھہ ڏيندا.

6 تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“

7 پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا.

8 هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ ايشور جي مهما ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو.

9 سڄيءَ خلق هن کي گھمندي ڦرندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏٺو.

10 انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.


پطرس جو هيڪل ۾ پرچار ڪرڻ

11 جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن.

12 پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي شڪتيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟

13 ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.

14 هو پوِتر ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جي وينتي ڪئي.

15 اهڙيءَ طرح اوهان جيون جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.

16 اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ يسوع سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.

18 ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.

19 تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،

20 انهيءَ لاءِ تہ پرميشور جي شرڻ مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن ۽ هو اوهان لاءِ اڳي ئي مقرر ٿيل مسيح، يعني يسوع کي ٻيهر موڪلي.

21 هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو.

22 جيئن موسيٰ نيم ۾ چيو هو تہ ’پرڀو اوهان جو ايشور اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ سنت موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.

23 جيڪو بہ انهيءَ سنت جي نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘

24 ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل کان وٺي جيڪي بہ سنت آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.

25 اوهين انهن سنتن جا وارث ۽ انهيءَ ٻڌل وچن جا شريڪ آهيو جيڪو ايشور اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابرهام کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي سنسار جي سڀني قومن کي آسيس ملندي.‘

26 انهيءَ ڪري ايشور پنهنجي داس يسوع کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها آسيس بخشي جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan