Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 28 - Hindu Sindhi Bible


(مالٽا ٻيٽ ۾)

1 جڏهن اسين خير سان ڪناري تي پهتاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ انهيءَ ٻيٽ جو نالو مالٽا آهي.

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

3 پولس ڪجھہ ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي باهہ ۾ وڌيون تہ تپش جي ڪري هڪڙو نانگ ٻاهر نڪتو، جيڪو پولس جي هٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.

4 جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيوت رهڻ نہ ٿي ڏئي.“

5 پولس هٿ ڇنڊي اها بلا باهہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ نقصان نہ پهتو.

6 اهي هن انتظار ۾ هئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انهن جڏهن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ هنن پنهنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”هي تہ ڪو ديوتا آهي.“

7 اتي ڀرسان ئي انهيءَ ٻيٽ جي سردار پُبليس جي جاگير هئي. هن اسان کي پنهنجي گھر وٺي وڃي سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسين ٽن ڏينهن تائين سندس مهمان ٿي رهياسين.

8 پُبليس جو پتا بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل هو. پولس هن جي ڪمري ۾ ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين. پوءِ مٿس پنهنجا هٿ رکي کيس چڱو ڀلو ڪيائين.

9 جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين چڱو ڀلو ڪيو ويو.

10-11 انهيءَ ڪري هنن اسان کي وڏو مان ڏنو. اهڙيءَ طرح ٽن مهينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي هڪڙي سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿياسين، جنهن جو نالو ۽ نشان ”جاڙا ديوتا“ هو. اهو جهاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ ئي بيٺو رهيو هو. جڏهن اسان جي رواني ٿيڻ جو وقت آيو تڏهن ٻيٽ جي رهاڪن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جهاز ۾ آڻي رکيون. اتان روانا ٿي


(مالٽا کان روم تائين سفر)

12 اسين سراڪوسہ شهر ۾ اچي پهتاسين ۽ اتي ٽي ڏينهن رهياسين.

13 اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين.

14 اتي اسان کي ڪي وشواسي مليا، جن جي وينتي ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين.

15 جڏهن روم جي وشواسين اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ ايشور جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.


پولس روم ۾

16 جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي آگيا ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.

17 ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو.

18 انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مون کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيائون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ مون ڪو اهڙو ڪم نہ ڪيو هو جنهن جي ڪري مون کي موت جي سزا ملي.

19 پر يهودين انهيءَ تي اعتراض ڪيو. سو لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي، جڏهن تہ منهنجو اهو ارادو نہ آهي تہ پنهنجي قوم تي ڪا تهمت هڻان.

20 اهو ئي سبب هو جو مون اوهان کي پاڻ وٽ گھرايو آهي تہ اوهان سان ملان ۽ ويهي ڳالهہ ٻولهہ ڪريان. آءٌ انهيءَ مسيح جي خاطر هن زنجير ۾ ٻڌو ويو آهيان، جيڪو بني اسرائيل جي اميد آهي.“

21 انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي.

22 سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن پنٿ سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن پنٿ جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“

23 پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.

24 ڪن ماڻهن سندس ڳالهين کي مڃي ورتو، جڏهن تہ ڪن نہ مڃيو.

25 سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پوِتر آتما سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ

26 ’کين وڃي چئُہ تہ ”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“

27 انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“

28-29 پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو مڪتيءَ وارو اهو سنديش غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“

30 پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.

31 هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ايشور جي راڄ جو پرچار ڪندي پرڀو يسوع مسيح بابت ڳالهين جي سکيا ڏيندو هو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan