Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 25 - Hindu Sindhi Bible


پولس جي رومي قيصر کي اپيل

1 يهوديہ صوبي ۾ پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ گورنر فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانهن ويو.

2 سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانهن ڏني ۽ وينتي ڪيائونس تہ

3 ”اوهين مهرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏين.

4 پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آهي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان.

5 اوهان مان جيڪي چڱا مڙس آهن، سي مون سان گڏجي هلن ۽ جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڪو ڏوهہ ڪيو هوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام هڻن.“

6 فيستس اٽڪل اٺ ڏهہ ڏينهن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانهن هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي آندو وڃي.“

7 جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.

8 پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي نيم جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“

9 فيستس يهودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانهن هلندين تہ جيئن اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟“

10 پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.

11 جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“

12 تنهن تي فيستس پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، تنهنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“


پولس جو اگرپا اڳيان پيش ٿيڻ

13 ڪن ڏينهن کان پوءِ اگرپا راجا ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا

14 ۽ ڪيترائي ڏينهن اتي رهي پيا. تڏهن فيستس پولس جي ڪيس جو احوال راجا کي ٻڌائيندي چيو تہ ”هڪڙو شخص آهي، جنهن کي فِيلڪس جيل ۾ ڇڏي هليو ويو آهي.

15 جڏهن آءٌ يروشلم ۾ هئس تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن مون کي دانهن ڏني هئي ۽ وينتي ڪئي هئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان.

16 پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام هو مٿس هڻن ٿا تنهن جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آهي.

17 سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينهن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنو تہ ’انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچو.‘

18 پر جڏهن سندس مخالف اُٿي بيٺا، تڏهن انهن مٿس اهڙو ڪوبہ الزام ڪونہ هنيو جن ڏوهن جو مون کي گمان هو.

19 پر هنن ساڻس پنهنجي ڌرم ۽ يسوع نالي هڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو هو پر پولس چوي ٿو تہ هو جيوت آهي.

20 مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انهن ڳالهين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنهنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانهن وڃڻ ۾ راضي آهين تہ جيئن اتي انهن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟‘

21 پر جڏهن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانهن نہ موڪليان تيستائين هو نظربند رهي.“

22 تنهن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”آءٌ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جون ڳالهيون سندس زباني ٻڌڻ چاهيان ٿو.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوهين سڀاڻي ئي کڻي هن جون ڳالهيون ٻڌجو.“

23 ٻئي ڏينهن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار هال ۾ داخل ٿيا. هنن سان فوجي ڪپتان ۽ مانوارا شهري بہ ساڻ هئا. تڏهن فيستس جي حڪم تي پولس کي پيش ڪيو ويو.

24 پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي راجا اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيوت نہ ڇڏيو.‘

25 پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان.

26 پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي راجا اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.

27 مون لاءِ اهو واجب نہ آهي جو آءٌ هڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آهن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan