Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 24 - Hindu Sindhi Bible


پولس تي يهودين جا الزام

1 پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي پئنچائت جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.

2 جڏهن پولس کي سڏايو ويو تہ ترطلس هن تي الزام هڻندي چيو تہ ”جناب فِيلڪس صاحب بهادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن وَ شانتيءَ ۾ ٿا گذاريون ۽ اوهان جي دورانديشيءَ سبب هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آهن.

3 جنابِ اعليٰ! اسين هر طرح ۽ هر جاءِ وڏي شڪرگذاريءَ سان اوهان جا ٿورائتا آهيون.

4 آءٌ اوهان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، پر وينتي ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري اسان جون رڳو ٻہ ٽي ڳالهيون ٻڌو.

5 هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. سنسار جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي ڀَٽڪيل پنٿ جو اڳواڻ آهي.

6-8 هن اها بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ هيڪل جو اپمان ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو. سو جن ڏوهن جو اسين مٿس الزام ٿا هڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“

9 پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“


پولس جو فِيلڪس اڳيان صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ

10 پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو.

11 اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هئس.

12 هنن مون کي هيڪل ۾ يا پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ توڙي شهر جي ڪنهن بہ ٻئي هنڌ نڪي ڪنهن سان بحث ڪندي ڏٺو آهي ۽ نہ وري فساد مچائيندي.

13 هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.

14 آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.

15 مون کي ايشور ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ ايشور سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيوت ڪري اٿاريندو.

16 تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون تي ڦٽڪار ڪري.

17 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ دان اچي ڪريان ۽ ايشور آڏو ٻليدان پيش ڪريان.

18 جڏهن مون ائين پئي ڪيو ۽ هيڪل ۾ پوِترتائيءَ جي حالت ۾ هئس، تڏهن هنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو.

19 جڏهن تہ اتي آسيا صوبي جا ڪي يهودي بہ موجود هئا، جيڪڏهن کين مون تي ڪا تهمت هڻڻي هجي ها تہ اهي هتي اوهان جي اڳيان حاضر ٿين ها.

20 يا هي ماڻهو ڀلي پاڻ ئي ٻڌائين تہ جڏهن آءٌ يهودي پئنچائت جي اڳيان بيٺو هئس تہ هنن مون ۾ ڪهڙو ڏوهہ ڏٺو،

21 سواءِ هن ڏوهہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيهي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوهين مون تي انهيءَ ڪري ڪيس ٿا هلايو، جو مون چيو آهي تہ مئل وري جيوت ٿي اٿندا.‘“

22 جيئن تہ فِيلڪس کي يسوع واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“

23 هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس سيوا ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“


گورنر فِيلڪس ۽ دروسلہ جو پولس سان ملڻ

24 ڪن ڏينهن کان پوءِ فِيلڪس پنهنجي يهودڻ پتني دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي کانئس يسوع مسيح تي وشواس بابت ڳالهيون ٻڌائين.

25 پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“

26 جيئن تہ فِيلڪس کي اها اميد بہ هئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنهنڪري هو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو هو.

27 پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan