سنتن جا ڪم 23 - Hindu Sindhi Bible1 پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“ 2 تنهن تي وڏي سردار ڪاهن حننياہ اتي بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي وات وارو ڌڪ هڻو.“ 3 تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”ايشور تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو موسيٰ جي نيم موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو نيم جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“ 4 تنهن تي جيڪي ماڻهو پولس جي ڀرسان بيٺا هئا، تن چيس تہ ”تون ايشور جي وڏي سردار ڪاهن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالهائين!“ 5 پولس وراڻيو تہ ”اي ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ هو وڏو سردار ڪاهن آهي. پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“ 6 جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“ 7 جڏهن هن اها ڳالهہ چئي تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ پئنچائت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. 8 اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو صدوقي نہ دوتن کي مڃيندا آهن، نڪي آتمائن کي ۽ نہ ئي وري جيوت ٿيڻ کي، جڏهن تہ فريسي اهي سڀ ڳالهيون مڃيندا آهن. 9 سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي نيم شاستري جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن آتما يا ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“ 10 جڏهن جھيڙو وڌي ويو تڏهن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻهو پولس کي ماري ڳڀا ڳڀا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“ 11 جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي پرڀو يسوع پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“ پولس کي مارڻ جي سازش 12 ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“ 13 جن يهودين گڏجي اها سازش سِٽي هئي، سي چاليهن کان وڌيڪ هئا. 14 پوءِ اهي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آهي تہ جيستائين پولس کي نہ ماريون، تيستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون. 15 سو هاڻي اوهين پئنچائت وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي وينتي ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“ 16 پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن انهيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي اها ڳالهہ ٻڌايائين. 17 تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي وينتي ڪئي تہ ”هن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آهي.“ 18 اهو صوبيدار انهيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري وينتي ڪئي تہ هن جوان کي اوهان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوهان سان ڪجھہ ڳالهائڻو آهي.“ 19 ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“ 20 تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي وينتي ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي پئنچائت ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘ 21 پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“ 22 تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”تون ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ تہ اهي ڳالهيون تو مون سان ڪيون آهن.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين. پولس کي گورنر فِيلڪس وٽ موڪلڻ 23 پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ سؤ سپاهي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ سؤ نيزيبردار تيار ڪريو تہ جيئن رات جو نائين بجي تائين اوهين قيصريہ ڏانهن روانا ٿي وڃو.“ 24 کين هي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن هن کي گورنر فِيلڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“ 25 پوءِ ڪپتان کين هي خط لکي ڏنو تہ 26 ”جناب گورنر فِيلڪس صاحب بهادر! آءٌ ڪلوديُس لوسياس نمسڪار بعد وينتي ٿو ڪريان تہ 27 هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي هئس جو آءٌ سپاهين کي وٺي وڃي اتي پهتس ۽ يهودين کان بچايومانس، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي. 28 مون کيس يهودين جي وڏي پئنچائت ۾ پيش ڪيو، تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اهي مٿس ڪهڙو الزام ٿا هڻن. 29 پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يهودين پنهنجي نيم جي ئي ڳالهين ڪري هن تي تهمت هنئي آهي. پر ڪو اهڙو ڏوهہ نہ ڪيو اٿس جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي. 30 هاڻ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“ 31 پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اهي پولس کي راتوواهہ انتيپترس ۾ وٺي آيا. 32 ٻئي ڏينهن تي پولس کي گھوڙيسوارن سان گڏ اڳتي روانو ڪرڻ کان پوءِ پيادا سپاهي قلعي ڏانهن موٽي ويا. 33 گھوڙيسوار سپاهين قيصريہ ۾ پهچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس اڳيان پيش ڪيائون. 34 گورنر خط پڙهيو ۽ پڇيائين تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي صوبي جو رهاڪو آهي؟“ جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو ڪلڪيا جو رهاڪو آهي، 35 تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society