سنتن جا ڪم 22 - Hindu Sindhi Bible1 ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! ٻڌو، هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھہ چوان ٿو.“ 2 جڏهن انهن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنهنجو بيان جاري رکندي چيو تہ 3 ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گمليايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس. 4 انهيءَ ڪري آءٌ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي نارين کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو. 5 وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“ پولس جو پنهنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ ( سنتن جا ڪم 9:1-19 ، 26:12-18 ) 6 ”جڏهن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏهن منجھند ڌاري اوچتو ئي اوچتو آڪاش مان هڪڙي تجليدار روشني منهنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي. 7 تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘ 8 مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘ 9 جيڪي ماڻهو مون سان گڏ هئا تن اها روشني تہ ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻڌائون. 10 مون کانئس پڇيو تہ ’اي پرڀو! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي پرڀوءَ مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘ 11 آءٌ انهيءَ روشنيءَ جي چمڪ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منهنجا سنگتي ساٿي مون کي هٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا. 12 اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏي مانوارو ۽ موسيٰ جي نيم موجب ڌرمچاري هو. 13 هو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيهي چيائين تہ ’ادا سائول! ديد وٺ.‘ انهيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو. 14 پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين. 15 پوءِ جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو، تنهن بابت تون سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين. 16 تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا پاپ ڌوپي وڃن.‘ 17 پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏهن هيڪل ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو، 18 جنهن ۾ مون پرڀو يسوع کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘ 19 تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي پرڀو! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي وشواس آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس. 20 جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘ 21 پوءِ پرڀو يسوع مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“ 22 ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو سنسار ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“ 23 جڏهن هو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا، 24 تڏهن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چهبڪ هڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اهي ڇو هن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“ 25 جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“ 26 اهو ٻڌي صوبيدار سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوهين هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.“ 27 تنهن تي ڪپتان پولس وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ، تون رومي آهين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”هائو.“ 28 تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آهن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آهيان.“ 29 پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا هئا، سي کيس هڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏهن اها خبر پيئي تہ هو رومي آهي تہ هو ڏاڍو ڊڄي ويو جو هن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو هو. پولس يهودي پئنچائت جي اڳيان 30 تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society