Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 21 - Hindu Sindhi Bible


(پولس جو يروشلم ڏانهن وڃڻ)

1 اِفسس جي اڳواڻن کان مشڪل سان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهي سڌا قوس ٻيٽ وٽ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن تي رُدس ٻيٽ کان ٿيندا پترا نالي بندرگاهہ تي پهتاسين.

2 اتي اسان ڏٺو تہ هڪڙو جهاز شام صوبي جي فينيڪي علائقي ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو انهيءَ جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين.

3 پوءِ اهڙي هنڌ پهتاسين جتان اسين قبرص ٻيٽ کي ڏسي سگھون پيا ۽ انهيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانهن هلندا وياسين. پوءِ صور ۾ پهچي جهاز بندر سان لڳو تہ اسين هيٺ لٿاسين، ڇاڪاڻ تہ اتي جهاز مان سامان لهڻو هو.

4 سو شهر اندر وڃي اتان جي وشواسين کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پوِتر آتما جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“

5 پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ پتنين سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائون.

6 پوءِ هڪٻئي کان موڪلائي اسين سامونڊي جهاز ۾ چڙهياسون ۽ هو موٽي پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا.

7 اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان وشواسين جي خير خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون.

8 ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو.

9 انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي ايشور جو سنديش ڏينديون هيون.

10 اتي اسين ڪيترائي ڏينهن رهياسون، تڏهن مسيح تي وشواس رکندڙ اگبس نالي هڪڙو شخص جيڪو ايشور جو سنديش ڏيندو هو، سو يهوديہ مان اتي اچي پهتو.

11 هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پوِتر آتما جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“

12 جڏهن اسان اهو ٻڌو تڏهن کان اسين ۽ اتان جا وشواسي پولس کي منٿ ڪندي چوندا رهياسين تہ ”مهرباني ڪري اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“

13 پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو پرڀو يسوع جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“

14 جڏهن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏهن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا پرميشور جي مرضي.“

15 انهن ڏينهن کان پوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانهن روانا ٿياسون.

16 قيصريہ شهر جا ڪي وشواسي بہ اسان سان گڏ هليا، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي يروشلم ۾ مناسون نالي هڪڙي شخص جي گھر وٺي هلن جنهن وٽ اسان کي رهڻو هو. هو قبرص ٻيٽ جو رهاڪو ۽ هڪ جھونو وشواسي هو.


پولس جو يعقوب سان ملڻ

17 جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسون تہ اتي وشواسين اسان جو وڏي خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو.

18 ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي وشواسي منڊليءَ جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.

19 پولس انهن کي نمسڪار ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي ايشور سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا.

20 جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي سڌ آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، جيڪي موسيٰ جي نيم تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن.

21 پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها سکيا ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي نيم کان ڦري وڃن، ٻارن جو ختنو نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن.

22 پوءِ هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇو تہ هنن کي اوهان جي اچڻ جي ضرور خبر پوندي.

23 تنهنڪري هاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪريو. اسان وٽ چار ماڻهو اهڙا آهن جن کي باسيل باس پوري ڪرڻي آهي.

24 سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پوِتر ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ نيم تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.

25 باقي رهيا غير قوم وارا جن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“

26 سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پوِتر ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پوِتر ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو ويندو.


پولس جو هيڪل ۾ جھلجڻ

27 جڏهن پوِتر ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.

28 انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، موسيٰ جي نيم ۽ هن هيڪل جي خلاف سکيا ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن پوِتر هيڪل ۾ آڻي ان کي اپوِتر ڪيو آهي.“

29 هنن اهو انهيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي هڪ شخص تروفيمس کي شهر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو هئائون ۽ سمجھيو هئائون تہ پولس کيس هيڪل ۾ وٺي آيو آهي.

30 سو سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ پوءِ هڪدم در بند ڪيا ويا.

31 هو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تہ ايتري ۾ رومي پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ هنگامو ٿي پيو آهي.

32 سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاهي ساڻ ڪري گوڙ ڏانهن ڪاهي پيو. جڏهن ماڻهن کيس سپاهين سميت ايندي ڏٺو، تڏهن پولس کي ڌڪن هڻڻ کان بس ڪيائون.

33 ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“

34 انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪن واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالهہ. ايترو تہ گوڙ هو جو حقيقت جي خبر ئي نہ پئي پيس. تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي هلو.“

35 جڏهن اهي قلعي جي ڏاڪڻ وٽ پهتا تہ ميڙ جي زور زبردستيءَ سبب سپاهين کي پولس کڻي وڃڻو پيو.

36 جڏهن تہ ماڻهن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس! ماري ڇڏيوس!“


پولس جو پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ

37 جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟

38 ڇا تون اهو مصري تہ نہ آهين، جيڪو ڪجھہ ڏينهن اڳ بغاوت ڪري چار هزار خوني وٺي بيابان ڏانهن هليو ويو هئين؟“

39 پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجي وينتي آهي تہ مهرباني ڪري مون کي آگيا ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“

40 جڏهن ڪپتان آگيا ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan