Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 20 - Hindu Sindhi Bible


(مڪدُنيا ۽ يونان ڏانهن سفر)

1 هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني وشواسين کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

2 هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.

3 اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

4 آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.

5 پوءِ اهي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا.

6 بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.


(تروآس ۾ يوتخس کي جيوت ڪرڻ)

7 ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.

8 جنهن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي هئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا.

9 يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو.

10 تڏهن پولس ماڙيءَ تان هيٺ لهندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”چنتا نہ ڪريو، هي جيوت آهي.“

11 پوءِ پولس موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ رسوئي کاڌائين. کائڻ بعد هن ايتري تہ دير تائين پنهنجي تقرير کي جاري رکيو جو صبح ٿي ويو. تڏهن هو روانو ٿي ويو.

12 هوڏانهن انهيءَ نوجوان کي جيوت حالت ۾ گھر آندو ويو، جنهن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي.


(تروآس کان ميليتس وڃڻ)

13 جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس جي بندرگاهہ تي پهچڻ جو ارادو ڪيو هو، سو سندس تجويز مطابق هن جي وڃڻ کان پوءِ اسين سامونڊي جهاز تي چڙهي آسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جهاز تي چاڙهيون.

14 جڏهن هو آسس ۾ اسان سان مليو، تڏهن کيس پاڻ سان گڏ جهاز ۾ چاڙهي متوليني شهر جي بندرگاهہ تي پهتاسين.

15 ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينهن تي خيُس ٻيٽ وٽ ۽ ٽئين ڏينهن تي سامس ٻيٽ وٽ پهتاسين، جتان وري چوٿين ڏينهن تي ميليتس ۾ آياسين.

16 پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو تهوار يروشلم ۾ وڃي ملهائي.


(اِفسس جي اڳواڻن ۾ پولس جي آخري تقرير)

17 پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي وشواسي منڊليءَ جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.

18 جڏهن هو وٽس اچي گڏ ٿيا تہ پولس کين چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ مون آسيا صوبي ۾ پهچڻ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي سڄو وقت اوهان سان ڪيئن گذاريو آهي.

19 مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ پرڀو يسوع جي سيوا پئي ڪئي آهي.

20 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر سکيا ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي.

21 يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي پرڀو يسوع تي وشواس آڻين.

22 هاڻي پوِتر آتما جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.

23 رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پوِتر آتما مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي.

24 پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اها چنتا آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا سيوا پرڀو يسوع کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني ايشور جي ڪرپا جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.

25 هاڻي مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ جن ۾ مون ايشور جي راڄ جو پرچار ڪيو آهي، تن مان ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.

26 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان،

27 ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت ايشور جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.

28 اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي.

29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪابہ ديا نہ ڪندا.

30 خود اوهان منجھان ئي ڪي اهڙا ماڻهو نڪرندا جيڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائيندا تہ جيئن وشواسين کي برغلائي پاڻ ڏانهن ڪن.

31 تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.

32 هاڻي آءٌ اوهان کي ايشور ۽ سندس انهيءَ ڪرپا واري سنديش جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي شڪتي آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث بخشي.

33 مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.

34 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري پنهنجيون ۽ پنهنجي سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آهن.

35 سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ پرڀو يسوع جي سکيا ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“

36 پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي پرارٿنا ڪيائين.

37 هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون.

38 هنن کي سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهہ جو ڏک هو جو پولس چيو هو تہ ”ڪوبہ وري منهنجو منهن ڪين ڏسندو.“ پوءِ هو پولس سان گڏجي سامونڊي جهاز تائين آيا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan