سنتن جا ڪم 16 - Hindu Sindhi Bible(تيمٿيس جو پولس ۽ سيلاس سان وڃڻ) 1 پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو. 2 لسترا ۽ اڪونيم جا وشواسي تيمٿيس جي ساراهہ ڪندا هئا. 3 پولس جي مرضي هئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلي، تنهنڪري هن سندس ختنو ڪرايو. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رهندڙ سڀني يهودين کي سڌ هئي تہ تيمٿيس جو پتا غير يهودي هو. 4 هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي وشواسي منڊلين کي يروشلم جي سنتن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين جيون گذارڻو هو. 5 اهڙيءَ طرح اتان جون منڊليون ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي تعداد ۾ وڌنديون ۽ وشواس ۾ مضبوط ٿينديون ويون. (مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جو درشن) 6 جيئن تہ پوِتر آتما هنن کي آسيا صوبي ۾ سنديش جي پرچار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا. 7 جڏهن موسيا علائقي جي سامهون آيا تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيا صوبي ۾ وڃن، پر يسوع جي آتما کين وڃڻ نہ ڏنو. 8 تنهنڪري اهي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس شهر ۾ آيا. 9 اتي رات جو پولس کي درشن ڏنو ويو جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سوامي! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“ 10 پولس کي درشن ملڻ شرط اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ ايشور اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون. (فلپي شهر ۾ لُديا جو وشواس آڻڻ) 11 تروآس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي اسين سڌا سمتراڪي ٻيٽ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينهن نياپُلس بندرگاهہ تي پهتاسون. 12 اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائشگاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين. 13 سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي ڀڳتيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن نارين سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون. 14 انهن نارين ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ ايشور ڀڳت ناري بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. پرميشور هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي. 15 پوءِ جڏهن انهيءَ ناريءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي پرڀو يسوع تي وشواس رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي. (فلپيءَ جي جيل ۾) 16 هڪڙي ڏينهن جيئن اسين ڀڳتيءَ واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڪنيا ملي جنهن ۾ ڳجھا ڀيد ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي. 17 هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو مهان ايشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“ 18 ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو. 19 جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا. 20 اتي اعليٰ عملدارن جي اڳيان مٿن شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”سائين! هي ماڻهو جيڪي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ کڻي گوڙ مچايو آهي 21 ۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جيڪي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جائز نہ آهي.“ 22 عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون. 23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي. 24 اهو حڪم ملڻ تي جيلر انهن کي اندرين ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ وجھي قابو ڪيائين. 25 رات جو پولس ۽ سيلاس پرارٿنائون ڪندا ۽ ايشور جي مهما جا ڀڄن ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري 26 اوچتو هڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنهن جيل جون ڀتيون بنيادن تائين لوڏي ڇڏيون. هڪدم سڀ دروازا کُلي پيا ۽ سڀني قيدين جا بند کُلي ڪري پيا. 27 تنهن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کُليا پيا آهن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آهن. تنهنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو 28 تہ پولس زور سان رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي نہ مار! اسين سڀ هتي موجود آهيون.“ 29 تڏهن جيلر بتي گھرائي ڊوڙندو اندر ويو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو. 30 پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ وينتي ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سوامي! آءٌ ڇا ڪريان جو مڪتي ملي؟“ 31 تنهن تي هنن وراڻيس تہ ”پرڀو يسوع تي وشواس آڻ تہ تو کي ۽ تنهنجي ڪٽنب کي مڪتي ملندي.“ 32 پوءِ انهن هن کي ۽ سندس گھر ۾ موجود سڀني ماڻهن کي مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو. 33 رات جي انهيءَ ئي وقت جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ هڪدم هن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. 34 پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. ايشور تي وشواس آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو. 35 ٻئي ڏينهن صبح جو اعليٰ عملدارن پنهنجن سپاهين هٿان جيلر ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو.“ 36 سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”اعليٰ عملدارن جو حڪم آهي تہ اوهان کي آزاد ڪيو وڃي. تنهنڪري هاڻي اوهين هليا وڃو، شل سدا سک وَ شانتيءَ سان هجو.“ 37 پر پولس سپاهين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آهيون، تن کي هنن بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عام خلق جي اڳيان چهبڪ هڻائي جيل ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي هو چپ چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائڻ چاهين ڇا؟ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو. انهن کي چئو تہ اهي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاهر وٺي هلن.“ 38 سپاهين وڃي اهو نياپو اعليٰ عملدارن کي پهچايو. هنن جڏهن ٻڌو تہ پولس ۽ سيلاس رومي آهن، تڏهن هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 39 تنهنڪري اهي پاڻ کين سمجھائڻ لاءِ آيا ۽ جيل کان ٻاهر وٺي اچي کين وينتي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري اوهين شهر مان هليا وڃو.“ 40 سو پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لُديا جي گھر ويا، جتي هو وشواسين سان مليا ۽ کين همتايائون. پوءِ هو اتان روانا ٿي ويا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society