Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 15 - Hindu Sindhi Bible


ختني بابت يروشلم ۾ گڏجاڻي

1 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“

2 پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ منڊليءَ جي اڳواڻن کان پڇن.

3 تنهن تي انطاڪيا جي منڊليءَ وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي وشواسين کي ڏاڍي خوشي ٿي.

4 جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ منڊليءَ وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود سنتن سميت سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو ايشور هنن جي وسيلي ڪيو هو.

5 پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“

6 تڏهن سنت ۽ منڊليءَ جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

7 گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي سڌ آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ ايشور مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو سنديش ٻڌي وشواس آڻين.

8 ايشور جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ سان سندن وشواس آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي.

9 هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي.

10 تہ پوءِ اوهين ايشور کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي وشواس آڻيندڙن تي نيم جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟

11 جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر پرڀو يسوع جي ڪرپا سان مٿس وشواس آڻڻ تي ئي مڪتي ملي ٿي.“

12 پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ ايشور انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ چمتڪار ڪيا.

13 جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو.

14 شمعون پطرس بيان ڪيو آهي تہ ڪيئن ايشور غير قومن تي پنهنجي ڪرپا جي شروعات ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ منجھائن هڪ اهڙي قوم بڻائي جيڪا سندس نالي سان سڏجي.

15 ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جي پوِتر لکت بہ انهيءَ سان ٺهڪي ٿي اچي، جنهن ۾ پرميشور فرمايو آهي تہ

16 ’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس. هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس،

17 انهيءَ لاءِ تہ آدم جو باقي اولاد يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن، سي مون پرميشور جون ڳولائو ٿين.

18 هي آءٌ پرميشور چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“

19 يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منهنجي راءِ آهي تہ غير قومن مان جيڪي سچي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون.

20 پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“


مسيح تي وشواس رکندڙ غير قومن ڏانهن خط

22 پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو.

23 انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي وشواس رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني سنتن ۽ اڳواڻن جا نمسڪار هجن.

24 اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون.

25 تنهنڪري اسان پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿي اهو مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻهو چونڊي پنهنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون.

26 اهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن جن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي تي پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي.

27 انهن سان گڏ اسين يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليون ٿا جيڪي هي لکيل ڳالهيون اوهان کي زباني بہ بيان ڪندا.

28 پوِتر آتما ۽ اسان اهو مناسب سمجھيو تہ هنن خاص ڳالهين کان سواءِ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون

29 تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سک وَ شانتيءَ سان رهو.“

30 پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي وشواسين کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون.

31 جڏهن هنن اهو خط پڙهيو تہ انهن همتائيندڙ ڳالهين تي هو خوش ٿيا.

32 يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو.

33-34 هنن ڪجھہ ڏينهن اتي گذاريا. پوءِ وشواسين سک وَ شانتيءَ جي آسيس ڏيندي کين انهن ڏانهن روانو ڪيو، جن کين موڪليو هو.

35 جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت پرميشور جي سنديش جي سکيا ڏيندا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا.


پولس جو ٻيو پرچاري سفر 15‏:36‏–18‏:22 (برنباس ۽ پولس ۾ جدائي)

36 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“

37 برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.

38 پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ پرچار جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو.

39 انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو،

40 جڏهن تہ پولس سيلاس کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چونڊيو. پوءِ وشواسين کين ايشور جي ڪرپا جي حوالي ڪري روانو ڪيو.

41 پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي منڊلين کي وشواس ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan