Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 14 - Hindu Sindhi Bible


(اڪونيم ۾)

1 ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن يسوع تي وشواس آندو.

2 پر خوشخبريءَ کي رد ڪندڙ يهودين غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انهن جي جذبات کي وشواسين جي خلاف ڪيائون.

3 تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو.

4 پر شهر جي ماڻهن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انهن مان ڪي يهودين جي طرف تہ ڪي انهن پرچارين جي طرف ٿي ويا.

5 تڏهن غير قوم وارن ۽ يهودين پنهنجن اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ هو پولس ۽ برنباس سان بدسلوڪي ڪن ۽ کين سنگسار ڪن.

6 جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا.

7 اتي بہ هو خوشخبري ٻڌائيندا رهيا.


(لسترا ۾)

8 لسترا ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو جنهن جا پير سڪل هئا. هو ڄائي ڄم کان معذور هو ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين.

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

10 سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ.“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو.

11 جڏهن ماڻهن پولس جو هي ڪم ڏٺو تہ پنهنجي لوڪئنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي روپ ۾ ديوتا اسان وٽ لهي آيا آهن.“

12 هنن برنباس جي نالي چيو تہ ”هي زيوس ديوتا آهي“ ۽ پولس جي نالي چيائون تہ ”هي هرميس ديوتا آهي،“ ڇاڪاڻ تہ مکيہ ڳالهائڻ وارو پولس هو.

13 تڏهن زيوس ديوتا جو مندر جيڪو شهر جي ڀرسان هو، تنهن جي پوجاريءَ ۽ ماڻهن جي ميڙ برنباس ۽ پولس جي اڳيان ٻليدان ڪرڻ ٿي چاهيو. سو پوجاريءَ گلن جا هار ۽ ڪجھہ ڏاند پاڻ سان گڏ شهر جي دروازي تي آندا.

14 پر جڏهن انهن ٻنهي پرچارين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ

15 ”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.

16 گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.

17 تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل بخشيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“

18 ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ انهن وڏيءَ مشڪل سان ماڻهن کي اهڙي ٻليدان پيش ڪرڻ کان روڪيو.

19 پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.

20 پر جڏهن وشواسي چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو.


(شام واري انطاڪيا ڏانهن موٽڻ)

21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ۽ گھڻا ئي ماڻهو يسوع جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.

22 هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“

23 هنن هر هڪ وشواسي منڊليءَ لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ وِرت رکي انهن اڳواڻن لاءِ پرارٿنا ڪيائون ۽ کين پرڀو يسوع جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن وشواس آندو هو.

24 پوءِ هو پسديا جي وچان لنگھندا پمفيليا علائقي ۾ آيا.

25 اتي پرگا شهر ۾ بہ هنن پرچار ڪيو ۽ پوءِ اتليا بندرگاهہ ڏانهن ويا.

26 اتان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي شام واري انطاڪيا ڏانهن واپس موٽيا، جتي انهيءَ پرچاري ڪم لاءِ کين ايشور جي ڪرپا ملي هئي، جيڪو ڪم هنن هاڻي پورو ڪيو.

27 اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو.

28 پوءِ هو اتي وشواسين وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan