Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 13 - Hindu Sindhi Bible


برنباس ۽ سائول جو مخصوص ٿيڻ

1 انطاڪيا جي وشواسي منڊليءَ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙن ۽ سکيا ڏيندڙن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو راجا هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.

2 هڪ ڏينهن جڏهن هنن وِرت رکي پرميشور جي ڀڳتي پئي ڪئي تہ پوِتر آتما کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“

3 سو جڏهن هو وِرت سان پرارٿنا ڪري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


پولس جو پهريون پرچاري سفر 13‏:4‏–14‏:28 (قبرص ٻيٽ ۾)

4 سو پوِتر آتما جي حڪم موجب برنباس ۽ سائول روانا ٿيا. هو سلوڪيا جي بندرگاهہ تي وڃي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن ويا.

5 جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.

6 جڏهن هو سڄو ٻيٽ لتاڙي پافس شهر ۾ پهتا تہ هنن اتي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندڙ هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺو، جنهن جو نالو بريسوع هو.

7 هو ٻيٽ جي رومي گورنر سرگيس پولس، جيڪو هڪڙو ذهين شخص هو تنهن جو درٻاري هو. انهيءَ گورنر برنباس ۽ سائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي انهيءَ سنديش کي ٻڌڻ لاءِ سندس دل پئي چاهيو.

8 پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي وشواس نہ آڻي.

9 پوءِ سائول، جنهن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آهن، پوِتر آتما سان ڀرجي جادوگر ڏانهن چتائي نهاريو

10 ۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟

11 سو ٻڌ، تو تي پرميشور جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ پرڀو يسوع بابت سکيا تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس وشواس آندائين.


(پسديا واري انطاڪيا شهر ۾)

13 پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي پمفيليا علائقي جي پرگا شهر ۾ آيا. پوءِ يوحنا عرف مرقس هنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانهن موٽي ويو.

14 پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي ويٺا.

15 جڏهن اتي نيم شاستر ۽ پوِتر شاستر جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“

16 تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو.

17 بني اسرائيل قوم جي ايشور اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ جڏهن هو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهندا هئا، تڏهن انهن کي وڏي قوم بڻايائين. پوءِ ايشور پنهنجي مهان شڪتيءَ سان انهن کي مصر مان ڪڍي آندو

18 ۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو.

19 تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو.

20 اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. ان کان پوءِ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو.

21 تڏهن هنن راجا جي گھُر ڪئي ۽ ايشور بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن راجا مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.

22 پوءِ ايشور هن کي هٽائي دائود کي انهن جو راجا مقرر ڪيو. ايشور هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘

23 هاڻي جيئن ايشور وچن ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيندڙ موڪليو، يعني يسوع.

24 يسوع جي اچڻ کان اڳ ۾ يوحنا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ پرچار ڪيو تہ توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو.

25 جڏهن يوحنا پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ تي هو تہ هن ماڻهن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڏسو، آءٌ اهو نہ آهيان جنهن جو اوهين انتظار ڪري رهيا آهيو، پر اهو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙيان.‘

26 اي ابرهام جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! انهيءَ مڪتيءَ وارو سنديش اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.

27 پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن يسوع کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پوِتر شاستر مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.

28 هائو، جيتوڻيڪ انهن کي يسوع جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنهن هوندي بہ هنن گورنر پلاطس کي وينتي ڪئي تہ کيس مارائي ڇڏي.

29 پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پوِتر شاستر ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي سوليءَ تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو.

30 پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي درشن ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.

32 سو ايشور جيڪو وچن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو تنهن جي خوشخبري اسين ٻڌايون ٿا.

33 ايشور انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ يسوع کي جيوت ڪري اهو وچن پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.‘

34 باقي اها ڳالهہ تہ ايشور انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيوت ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان وچن ڪيل پوِتر ۽ سچا وردان ڏيندس.‘

35 وري هڪڙي زبور ۾ ايشور لاءِ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي پوِتر داس کي ڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘

36 ايشور پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.

37 پر جنهن کي ايشور مئلن مان وري جيوت ڪيو، تنهن تي ڳرڻ سڙڻ واري تہ حالت ئي ڪين آئي.

38 تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ يسوع جي طرفان اوهان اڳيان پاپن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو.

39 هاڻ جيڪو بہ هن تي وشواس آڻي ٿو سو ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي نيم جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها.

40 خبردار ٿجو تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ

41 ’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ وشواس نہ ڪندا.‘“

42 جڏهن برنباس ۽ پولس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان ٻاهر نڪتا تہ ماڻهن کين منٿون پئي ڪيون تہ اهي وري ٻئي سبت جي ڏينهن تي اچي کين انهن ڳالهين بابت وڌيڪ ٻڌائين.

43 گڏجاڻي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل ڌرمچاري انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”ايشور جي انهيءَ ڪرپا تي قائم رهندا اچو.“

44 ٻئي سبت جي ڏينهن تي اٽڪل پورو شهر مسيح بابت پرميشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.

45 جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي پرچار خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس اپمان ڪرڻ لڳا.

46 پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،

47 ڇاڪاڻ تہ پرميشور جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ مڪتيءَ جو وسيلو بڻجين.‘“

48 جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پرميشور جي انهيءَ سنديش جي مهما ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي ايشور امر جيون لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني يسوع مسيح تي وشواس آندو.

49 ائين مسيح بابت پرميشور جو سنديش انهيءَ علائقي ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي ويو.

50 تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ ايشور ڀڳت مانوارين نارين کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.

51 تڏهن پولس ۽ برنباس انهن جي خلاف پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي اڪونيم شهر ڏانهن هليا ويا.

52 تنهن هوندي بہ انطاڪيا جا وشواسي خوشيءَ ۽ پوِتر آتما سان ڀرجندا رهيا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan