سنتن جا ڪم 11 - Hindu Sindhi Bibleپطرس جو پنهنجا ڪم بيان ڪرڻ 1 خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻين سنتن ۽ سڄي يهوديہ جي وشواسين ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي. 2 سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ختني واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ 3 ”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“ 4 تنهن تي پطرس انهن کي شروع کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ 5 ”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آڪاش مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي. 6 مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو توڙي جھنگلي جانور، جيتجڻا ۽ پکي نظر آيا 7 ۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘ 8 پر مون چيو تہ ’اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ نہ کاڌي آهي.‘ 9 تنهن تي وري آڪاش مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي ايشور پوِتر ڪيو آهي تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.‘ 10 ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آڪاش ڏانهن کڄي ويون. 11 ايتري ۾ ٽي ماڻهو جن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو ويو هو، سي انهيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنهن ۾ آءٌ رهيل هئس. 12 پوِتر آتما مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين. 13 هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ دوت کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. 14 هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي مڪتي ملندي.‘ 15 پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پوِتر آتما انهن تي پرگھٽ ٿي. بلڪل ائين ئي جيئن شروع ۾ اسان تي پرگھٽ ٿي هئي. 16 تڏهن مون کي پرڀو يسوع جو چوڻ ياد آيو تہ ’يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.‘ 17 اهو صاف آهي تہ ايشور ساڳي بخشش غير قومن کي بہ ڏني آهي، جيڪا هن اسان کي پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ ڪري ڏني هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو ايشور کي روڪي سگھان ها؟“ 18 جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“ انطاڪيا شهر جي وشواسي منڊلي 19 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري وشواسي ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پرڀو يسوع بابت ايشور جو سنديش نہ ٻڌائيندا هئا. 20 پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا. 21 جيئن تہ انهن تي پرميشور جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن سنديش ٻڌي وشواس آڻيندي پرڀو يسوع ڏانهن ڦري آيا. 22 اهي خبرون جڏهن يروشلم جي وشواسي منڊليءَ ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو. 23-24 برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا. 25 پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو. 26 جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا. 27 انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا. 28 انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پوِتر آتما جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي حڪومت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو. 29 اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين. 30 سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي منڊليءَ جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society