Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 10 - Hindu Sindhi Bible


پطرس ۽ ڪُرنيليس

1 قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.

2 هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو.

3 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“

4 هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.

5 هاڻي تون ڪي ماڻهو يافا شهر ڏانهن موڪل، جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچن جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.

6 هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.“

7 اهو چئي دوت وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ڌرمچاري سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو.

8 هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين.

9 ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ چڙهيو.

10 هن کي بک لڳي ۽ چاهيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ سو جڏهن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ هن کي درشن ڏنو ويو.

11 هن ڏٺو تہ آڪاش کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي.

12 ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي هئا.

13 تڏهن هڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.“

14 پر پطرس چيو تہ ”اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“

15 وري آواز آيس تہ ”جنهن کي ايشور پوِتر ڪيو آهي، تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.“

16 ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اها شيءِ هڪدم وري آڪاش ڏانهن کڄي ويئي.

17 پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.

18 هنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آهي، سو هن گھر ۾ رهيل آهي ڇا؟“

19 پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ درشن جو مطلب ڇا آهي تہ پوِتر آتما کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.

20 سو اُٿ ۽ هيٺ لهي وڃ. انهن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇو تہ مون ئي انهن کي موڪليو آهي.“

21 تنهن تي پطرس هيٺ لهي ويو ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ ”آءٌ اهو آهيان، جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو. اوهين ڪيئن آيا آهيو؟“

22 انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ ايشور ڀڳت ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي ايشور جي هڪڙي پوِتر دوت چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“

23 پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي وشواسي بہ هن سان گڏ هليا.

24 ٽئين ڏينهن تي هو قيصريہ ۾ پهتو، جتي ڪُرنيليس پنهنجي مٽن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن سميت هنن جو انتظار ڪري رهيو هو.

25 جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سيس نوايائين.

26 پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“

27 پطرس ڪُرنيليس سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن.

28 پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي ڌرم ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر ايشور مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اپوِتر يا گھٽ نہ سمجھان.

29 اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“

30 ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.

31 هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن.

32 سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘

33 تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي ڪرپا آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ ايشور جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ پرميشور اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


پطرس جو اُپديش

34 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،

35 بلڪ جيڪو ايشور جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.

36 ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.

37 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يوحنا جي بپتسما واري پرچار کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي.

38 اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.

39 اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو.

40 پر ايشور ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيوت ڪري ظاهر ڪيو.

41 ايشور سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيوت ٿي اٿيو.

42 يسوع مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي ايشور مئل ۽ جيوت ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.

43 انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


غير قومن کي پوِتر آتما جو ملڻ

44 پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پوِتر آتما پرگھٽ ٿي، جيڪي اُپديش ٻڌي رهيا هئا.

45-46 مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ

47 ”هنن ماڻهن کي اسان وانگر ئي پوِتر آتما ملي آهي. هاڻي انهن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“

48 سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan