Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 1 - Hindu Sindhi Bible


پوِتر آتما جي موڪلڻ جو وچن

1-2 شري ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين شاستر ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي يسوع پنهنجي سيوا واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پوِتر آتما جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري چونڊيائين.

3 هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيوت آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن ايشور جي راڄ بابت ڳالهايائين.

4 هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي چيلا اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پتا جي ڪيل وچن جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو.

5 ڏسو، يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل وچن موجب پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.“


يسوع مسيح جو آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ

6 ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن يسوع کان پڇيو تہ ”پرڀو! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جو راڄ بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“

7 يسوع انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پتا پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.

8 پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“

9 اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.

10 جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.

11 انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آڪاش ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي يسوع، جيڪو اوهان وٽان آڪاش ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آڪاش ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“


يهوداہ جي جاءِ تي متياہ کي چونڊڻ

12 پوءِ سنت زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو.

13 جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم‌پرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا.

14 اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.

15 هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ

16 ”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.

17 يهوداہ اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“

18-19 يروشلم جي سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ يهوداہ جيڪي پئسا پنهنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا هئا، تن مان هن زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هو. اتي هو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيس. سو ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي ارامي ٻوليءَ ۾ ”اڪالديمي“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خون واري زمين.“

20 پطرس وڌيڪ چين تہ ”انهيءَ بابت زبور ۾ لکيل آهي تہ ’شل انهيءَ جو گھر ويران ٿئي، ۽ منجھس ڪوبہ نہ رهي.‘ هي بہ لکيل آهي تہ ’شل ڪو ٻيو هن جو جاءِنشين ٿئي.‘

21-22 تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ پرڀو يسوع اسان سان هو، يعني پرڀوءَ جي يوحنا کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“

23 سو انهن ٻن ماڻهن جا نالا پيش ڪيا، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا هئا ۽ ٻيو متياہ.

24 پوءِ انهن پرارٿنا ڪئي تہ ”اي پرڀو! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ

25 اهو سنت جي سيوا واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.“

26 پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan