2.تيمٿيس 4 - Hindu Sindhi Bible1 هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور ۽ يسوع مسيح، جيڪو وري اچي راجا جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيوت توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي 2 تون مسيح بابت سنديش جو پرچار ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بيوقت تيار رهہ. پوري ڌيرج سان ماڻهن کي سکيا ڏيندي کين سمجھاءِ، ڇينڀ ۽ سندن همتافزائي بہ ڪر، 3 ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح سکيا برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا سکيا ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا. 4 اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا. 5 سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي سيوا جي ذميواري پوري ڪر. 6 باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان ايشور جي لاءِ ٻليدان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي. 7 آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون وشواس کي محفوظ رکيو آهي. 8 هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن. ذاتي هدايتون 9 مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر، 10 ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن. 11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي. 12 تخڪُس کي مون اِفسس شهر ڏانهن موڪليو آهي. 13 جيڪو جبو آءٌ تروآس شهر ۾ ڪرپس وٽ ڇڏي آيو هئس، جڏهن اچين تہ اهو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منهنجا لکيل ورق بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق. 14 پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. پرڀو يسوع هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو. 15 تون بہ انهيءَ کان خبردار رهجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هن اسان جي ٻڌايل سنديش جي گھڻي مخالفت ڪئي آهي. 16 ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل ايشور کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي. 17 پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس. 18 پرڀو يسوع مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ آڪاش واري پنهنجي راڄ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا 19 پرسڪلا ۽ سندس پتي اڪولا کي ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي نمسڪار ڏجانءِ. 20 اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو. 21 تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ وشواسي بہ تو کي نمسڪار ٿا چون. 22 شل پرڀو يسوع تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس ڪرپا ٿيندي رهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society