2.تيمٿيس 3 - Hindu Sindhi Bibleانتم زماني جا ڏکيا ڏينهن 1 هاڻ هي بہ ڄاڻي ڇڏ تہ هن انتم زماني ۾ جيون گذارڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو، 2 ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مطلبي، پئسي جا پوجاري، ٻٽاڪي، مغرور، ايشور جي نندا ڪندڙ، ماتا پتا جا نافرمان، بيشڪرا ۽ ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙ هوندا. 3 اهي پريم کان خالي، سنگدل، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا. 4 اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا. 5 اهي ڌرمچاريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ. 6 اهڙي ئي قسم جي ماڻهن مان ڪي لڪ چوريءَ گھرن ۾ گھڙي اهڙين بيعقل نارين کي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا، جيڪي پنهنجن پاپن جي ڪري پريشان رهندي طرح طرح جي برين خواهشن ۾ ڦاٿل رهن ٿيون. 7 اهي هميشہ نيون نيون ڳالهيون تہ سکنديون رهن ٿيون، پر سچ جي سڃاڻپ تائين ڪڏهن بہ نہ ٿيون پهچن. 8 جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس جادوگرن موسيٰ جي مخالفت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. هي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ وشواس جي لحاظ کان رد ٿيل آهن. 9 پر اهي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ سندن مورکتا سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن ٻنهي جادوگرن جي بہ ٿي هئي. تيمٿيس کي پرچار لاءِ تاڪيد 10 پر تو منهنجي سکيا، هلت چلت، مقصد، وشواس، برداشت، پريم ۽ ثابت قدميءَ ۾ منهنجي پيروي ڪئي آهي. 11 انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر پرڀو يسوع مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو. 12 حقيقت ۾ جيڪي بہ يسوع مسيح ۾ ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ چاهين ٿا، سي سڀ ستايا ويندا. 13 جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا. 14 پر تون انهن ڳالهين تي قائم رهہ، جيڪي تو سکيون آهن ۽ جن کي تو پوريءَ طرح قبول ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون انهن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اهي سکيون آهن 15 ۽ ننڍپڻ کان وٺي ايشور جي انهن پوِتر لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي ڏاهپ ڏيئي سگھن ٿيون. 16 پوِتر شاستر جي هر لکت جو سرچشمو ايشور ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، ڇينڀڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي. 17 مطلب تہ پوِتر لکت جو مقصد اهو آهي تہ ايشور جا داس هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society