Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تيمٿيس 2 - Hindu Sindhi Bible


يسوع مسيح جو سچو سپاهي

1 هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪا ڪرپا تو کي يسوع مسيح ۾ بخشي ويئي آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ.

2 جيڪي ڳالهيون تو گھڻن شاهدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آهن، سي اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق هجن.

3 يسوع مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

4 ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي سنسار جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري.

5 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيستائين مقرر قاعدي موجب نہ ٿو وڙهي تيستائين سوڀ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري.

6 يا وري هاريءَ جو مثال وٺ، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري. انهيءَ کي سڀ کان پهريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.

7 انهن مثالن تي غور ڪر، پرميشور تو کي انهن سڀني ڳالهين جي سمجھہ ڏيندو.

8 اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ يسوع مسيح، جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيوت ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي.

9 اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.

10 تنهنڪري آءٌ ايشور جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪا مڪتي يسوع مسيح ۾ ٿي ملي، تنهن کي اهي بہ هميشہ واري مهانتا سميت حاصل ڪن.

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين يسوع مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيوت بہ رهنداسين.

12 جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ راڄ بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.

13 جيڪڏهن اسين بي‌وفا ٿا ٿيون، تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو. هائو، جيئن تہ هو سچو آهي، سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“


ايشور کي وڻندڙ محنتي

14 اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.

15 پنهنجو پاڻ کي ايشور وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو سنديش صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.

16 اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو انهيءَ ۾ جيترو وڌندا ويندا، اوترو ئي بي‌ڌرميءَ ۾ بہ وڌندا ويندا.

17 انهن جي بڪواس ائين پکڙبي رهندي جيئن شرير ۾ ناسور پکڙبو آهي. همنيس ۽ فليتس اهڙن ئي ماڻهن مان آهن.

18 اهي سچ کان ڀَٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو وشواس بگاڙين ٿا.

19 تنهن هوندي بہ ايشور جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”پرميشور پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو پرميشور جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“

20 ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اتم ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا.

21 اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پوِتر ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.

22 تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پوِتر دل سان پرميشور کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، وشواس، پريم ۽ شانتيءَ جو ڳولائو ٿيءُ.

23 مورکتا ۽ اڻ‌ڄاڻائيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا.

24 پرميشور جي داس لاءِ مناسب نہ آهي تہ هو جھيڙو ڪري. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، سکيا ڏيڻ جي لائق هجي ۽ بردبار هجي.

25 جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو نرميءَ سان سمجھائي. ٿي سگھي ٿو تہ ايشور انهن کي توبهہ جي شڪتي ڏئي تہ جيئن اهي سچ کي ڄاڻي وٺن

26 ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan