Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تيمٿيس 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان، تہ جيئن انهيءَ وچن ڪيل جيون جو سنديش ٻڌايان جيڪو اسان کي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿو.

2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.


ايشور جي شڪرگذاري ۽ تيمٿيس جي همت‌افزائي

3 جنهن ايشور جي ڀڳتي منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي ڀڳتي ڪندي ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان.

4 تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.

5 مون کي تنهنجو سچو وشواس ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو وشواس اهو ساڳيو ئي وشواس آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماتا يونيڪيءَ جو هو.

6 انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود ايشور جي انهيءَ وردان کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪو منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي.

7 ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي بزدليءَ واري آتما نہ ڏني آهي، پر شڪتيءَ واري، پريم واري ۽ خود ضابطي واري آتما ڏني اٿس.

8 تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

9 انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.

10 هاڻ اها اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿي، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ جيون بلڪ ناس نہ ٿيندڙ جيون کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.

11 مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو اعلان ڪندڙ، پرچار جو اختيار رکندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ مقرر ڪيو ويو،

12 جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.

13 اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ وشواس ۽ پريم سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن.

14 خوشخبريءَ واري چڱي امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي تنهن جي سنڀال انهيءَ پوِتر آتما جي مدد سان ڪر، جيڪا اسان ۾ رهي ٿي.

15 تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن.

16 پرڀو يسوع شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي ديا ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.

17 ايتري قدر جو جڏهن هو روم شهر ۾ آيو تہ منهنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي ڳولي لڌائين.

18 شل پرڀو يسوع ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي پرڀو پرميشور جي ديا ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan