Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ٿسلونيڪين 2 - Hindu Sindhi Bible


وڳوڙي

1 جڏهن اسان جو پرڀو يسوع مسيح موٽي ايندو تڏهن اسين هن وٽ گڏ ٿي وينداسين. سو انهيءَ بابت اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين وينتي ٿا ڪريون تہ

2 اوهين ايترو جلدي پنهنجن خيالن ۾ ڊانوانڊول نہ ٿجو، نڪي اوهين پريشان ٿجو جڏهن ماڻهو اهو چون تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن اڳي ئي اچي چڪو آهي، توڙي جو هو دعويٰ ڪن تہ اها سڌ پوِتر آتما کان، يا ڪنهن سنديش مان يا وري اسان وٽان آيل ڪنهن خط مان پيئي آهي.

3 مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ايشور جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.

4 هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ڀڳوان يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“

5 ياد ڪريو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس، تڏهن اوهان کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو هئس.

6 اوهين هي بہ ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ وڳوڙيءَ کي سندس مقرر وقت کان اڳ ظاهر ٿيڻ کان ڪيئن روڪيو ويو آهي.

7 اهو هڪ ڀيد آهي تہ وڳوڙ اڳي ئي اثر ڪندو ٿو رهي، پر انهيءَ کي ڪو تيستائين روڪيندو رهندو، جيستائين ان جي روڪڻ واري کي رستي کان هٽايو نہ ويندو.

8 تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.

9 ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اهو وڳوڙي شيطان جي عمل سان هر قسم جي طاقت جو استعمال ڪندو ۽ ڪوڙيون نشانيون ۽ عجيب ڪم ڪري ڏيکاريندو.

10 انهن سان هو برباد ٿيڻ وارن کي هر قسم جي بڇڙائيءَ وارو دوکو ڏيندو. اهي ماڻهو انهيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جو قدر ئي نہ ڪندا، جنهن جي وسيلي کين مڪتي ملي ها.

11 اهو ئي سبب آهي جو ايشور هنن تي ڀَٽڪي وڃڻ جو اهڙو اثر وجھندو، جو هو ڪوڙ کي سچ ڪري مڃيندا.

12 اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي سچ تي وشواس نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي پاپي قرار ڏنو وڃي.


ثابت قدم رهو

13 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو.

14 هن اوهان کي اسان کان مليل خوشخبريءَ جي وسيلي انهيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوهين اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي مهانتا ۾ شريڪ ٿيو.

15 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رهو ۽ انهن روايتن تي قائم رهو، جيڪي اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن.

16 هاڻ اسان جو پرڀو يسوع مسيح پاڻ ۽ اسان جو پتا ايشور، جنهن اسان سان پريم رکيو ۽ پنهنجي ڪرپا جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،

17 سي شل اوهان جي دلين کي همت ڏين ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan