Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ٿسلونيڪين 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي.

2 شل اوهان تي ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


تڪليفن سهڻ وارن لاءِ همت‌افزائي

3 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.

4 تنهنڪري اسين پاڻ ايشور جي ٻين منڊلين ۾ اوهان بابت فخر ٿا ڪريون تہ اوهين ڪيڏي نہ ثابت قدميءَ سان پنهنجي وشواس تي قائم آهيو، توڙي جو ظلم ۽ تڪليفون پيا سهو.

5 انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ ايشور جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين ايشور جي راڄ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو.

6 جيئن تہ ايشور انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو

7 ۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو پرڀو يسوع پنهنجي دوتن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آڪاش مان ظاهر ٿيندو

8 ۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.

9 اهي پرڀو يسوع جي شرڻ کان ۽ سندس شڪتيءَ جي مهانتا کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.

10 مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي.

11 انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ پرارٿنا ڪندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو ايشور اوهان کي اهڙي جيون جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم وشواس سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي شڪتيءَ سان پورو ڪري.

12 اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan