Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.پطرس 3 - Hindu Sindhi Bible


پرميشور جو ڏينهن

1 اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن هي ٻيو خط لکي رهيو آهيان. ٻنهي خطن ۾ آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندي اوهان جي ذهنن کي سچائيءَ واري سوچ لاءِ اُڀارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو،

2 جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندڙ پوِتر سنت اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي وسيلي ڏنو ويو هو.

3 سڀ کان پهريائين اوهان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي تہ هن انتم زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين برين خواهشن موجب هلندا. اهي ٺٺوليون ڪندي

4 چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“

5 پر هيءَ ڳالهہ انهن ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏي آهي تہ ايشور جي حڪم سان قديم زماني ۾ آڪاش وجود ۾ آيا ۽ ڌرتي پاڻيءَ منجھان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ قائم آهي.

6 پاڻيءَ جي ئي وسيلي سڀ ڪجھہ چٽ ٿي ويو، جڏهن قديم زماني جي سنسار تي ٻوڏ آئي.

7 پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ ڌرتي ۽ آڪاش باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌ڌرمين جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.

8 پر اي پريميؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ پرميشور جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.

9 پرميشور پنهنجو وچن پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر ڌيرج ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.

10 ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.

11 هاڻي جيئن تہ هي سڀ شيون اهڙيءَ طرح ڳري ناس ٿي وڃڻيون آهن، تڏهن سوچو تہ اوهان کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿيڻ گھرجي؟ اوهان کي گھرجي تہ اوهين پوِتر ۽ ڌرمچاري جيون گذاريو.

12 جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن ايشور اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙو ئي جيون گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آڪاش باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.

13 جڏهن تہ اسين ايشور جي وچن ڪيل انهيءَ نئين آڪاش ۽ نئين ڌرتيءَ جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.

14 سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

15 ياد رکو تہ اسان جي پرڀوءَ جو ڌيرج ماڻهن کي مڪتي حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ ايشور جي بخشيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي.

16 هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.

17 تنهنڪري اي پريميؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌ڌرم ماڻهن جي ڀَٽڪي وڃڻ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.

18 ان جي بدران اوهين اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي مهانتا جي مهما هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan