Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.پطرس 2 - Hindu Sindhi Bible


ڪوڙي سکيا ڏيندڙ

1 پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي سکيا ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.

2 ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.

3 اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.

4 انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.

5 يا هي ڏسو تہ ايشور پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌ڌرمين جي سنسار تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي پرچار ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.

6 ساڳئي نموني ايشور سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايندڙ زمانن جي بي‌ڌرمين لاءِ هڪ ڀوائتو مثال ٿين.

7 وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي ايشور بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،

8 ڇاڪاڻ تہ هو انهن ۾ رهي هر روز انهن جا بڇڙائيءَ وارا ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو هو.

9 انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ پرميشور ڄاڻي ٿو تہ ڌرمچارين کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،

10 خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.

11 جڏهن تہ دوت جيڪي انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن کان طاقت ۽ شڪتيءَ ۾ وڌيڪ آهن، سي پرميشور جي اڳيان انهن آڪاشي هستين کي گھٽ وڌ ڳالهائيندي تهمت نہ ٿا هڻن.

12 انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.

13 مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.

14 اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.

15 اهي سچائيءَ واري رستي تان ڀَٽڪي بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي پئسن جي لالچ ۾ بڇڙائي ڪرڻ پسند هوندي هئي.

16 هن پنهنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اها ڦٽڪار کنئي جو سندس بي‌زبان گڏهِہ انسان وانگر ڳالهائي انهيءَ سنديش ڏيندڙ سنت کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو.

17 اهي ماڻهو اهڙا چشما آهن، جن جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اهي اهڙو ڪوهيڙو آهن، جنهن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي،

18 ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي شرير وارين خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن ڀَٽڪيلن واري جيون مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.

19 هو انهن کي آزاديءَ جو وچن ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي حاوي ٿئي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو.

20 سو جيڪي ماڻهو اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري سنسار جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي وس هيٺ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پوِتر حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.

22 انهن تي هيءَ سچي چوڻي ٺهڪي ٿي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انهيءَ ڏانهن ٿو موٽي“ ۽ هيءَ چوڻي بہ ٺهڪي ٿي تہ ”اشنان ڪيل سوئرڻي وري وڃيو گپ ۾ ليٿڙي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan