Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.پطرس 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ سندس خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ، يعني يسوع مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي وشواس حاصل ٿيو آهي.

2 شل ايشور ۽ اسان جي پرڀو يسوع کي ڄاڻڻ جي وسيلي اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رهي.


ايشور جي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ

3 پرڀو يسوع پنهنجي آڪاشي شڪتيءَ سان اهو سڀ اسان کي بخشي ٿو، جيڪو ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ ايشور کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي مهانتا ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.

4 انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو.

5 سو انهن ڳالهين کي اڳيان رکندي اوهين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنهنجي وشواس سان نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان ڄاڻ ۾،

6 پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان ڌيرج ۾ ۽ ڌيرج سان ڌرمچاريءَ ۾ واڌارو آڻيو.

7 اوهين ڌرمچاريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان پريم وڌايو.

8 جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

9 پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن پاپن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.

10 تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تن ۽ من سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا،

11 بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.

12 انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون هميشہ ياد ڏياريندو رهندس، جيتوڻيڪ اوهين انهن کان واقف آهيو ۽ انهيءَ سچ تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو، جيڪو اوهان کي مليل آهي.

13 آءٌ اها ڳالهہ لازمي ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيوت آهيان تيستائين اوهان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي هوشيار ڪندو رهان.

14 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح مون تي ظاهر ڪيو آهي.

15 تنهنڪري آءٌ تن ۽ من سان ڪوشش ڪندو رهندس تہ منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ بہ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگھو.


مسيح جي شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد

16 اسان پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي شڪتيءَ ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.

17 هائو، جڏهن يسوع کي ايشور پتا مان‌سمان ۽ مهانتا بخشي، تڏهن انهيءَ وڏي مهانتا واري ايشور وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“

18 ان وقت اسين بہ پرڀو يسوع سان گڏ پوِتر جبل تي موجود هئاسون ۽ اسان پاڻ اهو آواز آڪاش مان ايندي ٻڌو.

19 انهيءَ واقعي جي ڪري سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت مليل پوِتر شاستر تي اسان جو وشواس وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سو اوهين چڱو ڪندا جو انهيءَ تي ڌيان ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ ڏيئي وانگر آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ روشني ٿو ڏئي ۽ اهو تيستائين روشني ڏيندو، جيستائين پرهہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو، يعني مسيح وري اچي اوهان جي دلين ۾ چمڪي.

20 پوِتر شاستر تي ڌيان ڏيندي پهريائين هي ڄاڻي ڇڏيو تہ پوِتر شاستر ۾ سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪنهن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي.

21 هائو، سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پوِتر آتما جي رهنمائيءَ سان ايشور جي طرفان ڳالهائيندا هئا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan