2.يوحنا 1 - Hindu Sindhi Bible1 آءٌ جيڪو مهاتما سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري ناريءَ ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا. 2 اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو. 3 اسين جيڪي سچائيءَ ۽ پيار ۾ رهون ٿا، تن تي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي ٿيندي رهي ٿي. پيار جو حڪم 4 آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پتا اسان کي حڪم ڏنو آهي. 5 سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي. 6 پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو ايشور اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان جيون گذاريو. مسيح جا مخالف 7 اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ سنسار ۾ ڪيترائي ڀَٽڪائيندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ يسوع مسيح شرير ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڀَٽڪائيندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن. 8 سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو لاڀ حاصل ڪجو. 9 جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ. 10 جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها سکيا نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس نمسڪار ڪجو. 11 ياد رکو، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو. پڄاڻي 12 مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. 13 مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي نمسڪار ڏين ٿا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society