2.ڪرنٿين 7 - Hindu Sindhi Bible1 اي پريميؤ! جڏهن اسان سان اهڙا وچن ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پوِتر ڪريون جيڪا اسان جي شرير ۽ آتما ٻنهي کي اپوِتر ڪري ٿي ۽ ايشور جو خوف رکندي مڪمل طرح پوِتر ٿي وڃون. پولس جي خوشي ۽ تسلي 2 اسان کي پنهنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنهن سان بہ ناحق نہ ڪيو آهي، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو آهي ۽ نہ وري ڪنهن کان ناجائز فائدو حاصل ڪيو آهي. 3 آءٌ اوهان کي ڏوهي قرار ڏيڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇاڪاڻ تہ مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي تہ اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ اهڙي جاءِ آهي جو اسين جيوت رهڻ توڙي مرڻ ۾ هميشہ گڏ آهيون. 4 انهيءَ لاءِ اهو سڀ آءٌ دليريءَ سان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايان ٿو. مون کي اوهان تي ڏاڍو فخر آهي. مون کي پوري تسلي ٿي ويئي آهي. هاڻ اسان تي مصيبتن اچڻ جي باوجود بہ منهنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار رهي ٿي. 5 ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا. 6 پر ايشور جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني. 7 اسان کي نہ رڳو هن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انهيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا هن کي اوهان کان ملي هئي. هن اسان کي ٻڌايو تہ اوهين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا، ڪيل ڪمن تي پڇتاءُ اٿوَ ۽ هاڻي مون سان وفاداريءَ جو وڏو جذبو رکو ٿا. تڏهن مون کي اڃا بہ وڌيڪ خوشي ٿي. 8 جيتوڻيڪ منهنجي خط اوهان کي غمگين ڪيو، تڏهن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏهن پڇتايو هئم تہ اهو ڏسي ڪري تہ خط اوهان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو. 9 هاڻي آءٌ خوش آهيان، انهيءَ لاءِ نہ تہ اوهين غمگين ٿيا هئا، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي غمگينيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو اوهان توبهہ ڪئي. سو اوهان جي غمگيني ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهنڪري اسان جي طرفان اوهان کي ڪنهن بہ قسم جو نقصان نہ پهتو. 10 حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو مڪتي آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ سنساري غم موت پيدا ٿو ڪري. 11 هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا ايشور جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، ايشور جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بيڏوهي آهيو. 12 مون اوهان ڏانهن جيڪو خط لکيو هو، سو نہ انهيءَ جي ڪري هو جنهن ڏوهہ ڪيو ۽ نہ وري انهيءَ جي ڪري هو جنهن جو ڏوهہ ڪيائين. ان جي بدران منهنجي لکڻ جو مقصد هي هو تہ اسان لاءِ اوهان جو جذبو ايشور جي آڏو اوهان تي ظاهر ٿئي. 13 سو اسان کي تسلي ملي آهي. انهيءَ تسليءَ کان علاوہ طيطس کي خوش ڏسي اسان کي پڻ نهايت گھڻي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هن جي دل جي تازگيءَ جو سبب بڻيا. 14 مون هن جي اڳيان اوهان بابت جيڪو فخر ڪيو هو تنهن ۾ آءٌ شرمندو نہ ٿيس. هائو، جيئن اسان اوهان سان هميشہ سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو هو سو بہ سچو ثابت ٿيو. 15 جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪيئن نہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي اوهان هن جي مهماننوازي ڪئي هئي، تڏهن سندس دلي پريم اوهان لاءِ گھڻو وڌي ٿو وڃي. 16 آءٌ خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ هر ڳالهہ ۾ مون کي اوهان جي طرفان خاطري ٿي ويئي آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society