Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 5 - Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو شرير جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.

2 سو هن ڪچي گھر ۾ ڪنجھندي اسين اها وڏي تمنا پيا رکون تہ پنهنجي آڪاشي گھر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيون.

3 جڏهن اسين ان کي پهري وٺنداسين تہ اگھاڙا نہ ٿينداسين.

4 جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ شرير کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آڪاشي گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي ناس ٿيندڙ شرير جيون ۾ بدلجي وڃي.

5 اهو ايشور ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پوِتر آتما بياني طور ڏني اٿائين.

6 تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري خاطري ٿي رهي، توڙي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيستائين اسين پنهنجي هن شرير واري گھر ۾ رهون ٿا، تيستائين پرڀو يسوع جي گھر کان پري آهيون.

7 مطلب تہ اسين جيڪو جيون گذاري رهيا آهيون سو وشواس رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.

8 هاڻ اسان کي هن شرير ۾ پوري خاطري آهي، تنهن هوندي بہ هن شرير واري گھر کي ڇڏي پرڀو يسوع وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.

9 سو توڙي اسين پنهنجي هن ناس ٿيندڙ شرير واري گھر ۾ رهون يا نہ رهون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد هي آهي تہ اسين پرڀو يسوع کي پسند اچون.

10 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن شرير ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


ايشور سان ميل ميلاپ جو سنديش

11 تنهنڪري پرميشور جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ ايشور جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.

12 اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا.

13 پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ ايشور جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.

14 ٻنهي حالتن ۾ مسيح جو اسان سان پريم اسان کي مجبور ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون.

15 هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيوت آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيوت رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو.

16 تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ سنساري نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ سنساري نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.

17 مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون رچيل آهي. پراڻو جيون گذري ويو، ڏسو، نئون جيون شروع ٿي ويو آهي.

18 هي سڀ ڪجھہ ايشور جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها سيوا ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون.

19 منهنجو مطلب آهي تہ ايشور مسيح جي وسيلي سنسار جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي پاپن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو سنديش هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.

20 تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ ايشور اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ ايشور کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.

21 مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan