Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 4 - Hindu Sindhi Bible


خوشخبريءَ جي روشني هڪ خزانو

1 سو اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن کي ايشور جي ديا سان هيءَ سيوا ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.

2 اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.

3 پر جيڪڏهن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آهي تہ اها خوشخبري انهن جي ئي لاءِ ڍڪيل آهي جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.

4 اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.

5 جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر يسوع مسيح بابت پرچار ڪريون ٿا تہ هو ئي پرڀو آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اسين اوهان جا سيوڪ آهيون.

6 اسين پرچار انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن ايشور فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس مهانتا کي ڄاتو وڃي جيڪا يسوع مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.

7 اسين جن ۾ اهو خزانو رکيو ويو آهي، سي مٽيءَ جي ٿانوَن وانگر آهيون، تہ جيئن ظاهر ٿئي تہ اها تمام گھڻي شڪتي اسان جي نہ پر ايشور جي آهي.

8 اسين هر طرف کان مصيبتن ۾ دٻايا وڃون ٿا، پر چيڀاٽجي ڪونہ ٿا وڃون، پريشان تہ ٿيون ٿا پر نااميد نہ ٿا ٿيون،

9 ستايا وڃون ٿا پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايا تہ وڃون ٿا پر ناس نہ ٿا ٿيون.

10 مطلب تہ اسين يسوع جو موت هر وقت پنهنجي شرير ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي شرير ۾ ظاهر ٿئي.

11 هائو، اسين جيوت حالت ۾ يسوع جي خاطر هر وقت موت جي منهن ۾ ٿا رهون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي ناس ٿيندڙ شرير ۾ ظاهر ٿئي.

12 ائين اسان ۾ موت، پر اوهان ۾ جيون اثر ڪري ٿو.

13 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون وشواس آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پوِتر آتما جو بخشيل ساڳيو ئي وشواس آهي. سو اسين بہ وشواس آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،

14 ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جنهن پرڀو يسوع مسيح کي مئلن مان جيوت ڪيو آهي، سو يسوع سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيوت ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.

15 هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪا ڪرپا گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي، تنهن جي وسيلي ايشور جي مهما لاءِ ماڻهن جي شڪر ادا ڪرڻ ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.


وشواس سان جيون گذارڻ

16 تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ شرير جي لحاظ کان اسين ناس ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ آتمڪ طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،

17 ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙي زبردست ۽ امر جوت پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.

18 سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي امر آهن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan