Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 3 - Hindu Sindhi Bible


نئين ٻڌل وچن جي جوت

1 ڇا اسين وري بہ پنهنجين خوبين جو بيان پيا ڪريون؟ يا ڇا اسان کي ڪن ماڻهن وانگر سفارشي خط اوهان وٽ آڻڻ يا اوهان کان وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي؟

2 نہ، اسان جو خط تہ اوهين پاڻ آهيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آهي ۽ جنهن کي سڀ ماڻهو پڙهي ۽ سمجھي سگھن ٿا.

3 اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي سيوا جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر جيوت ايشور جي آتما سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.

4 اها ڳالهہ مسيح جي وسيلي ايشور تي اسان جي ڀروسي جو اظهار آهي.

5 ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي قابليت ايشور جي طرفان آهي.

6 اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.

7 هاڻي موت وارو اهو ٻڌل وچن جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي سيوا اهڙي تہ جوت واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اها جوت عارضي هئي ۽ هاڻي نہ رهي آهي.

8 سو جيڪڏهن موت واري اها سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ پوِتر آتما جي سيوا ڪيڏي نہ وڌيڪ جوت واري هوندي!

9 هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي.

10 حقيقت ۾ جيڪو ٻڌل وچن ڪنهن وقت جوت وارو هو، سو هن ٻئي تمام وڌيڪ جوت واري ٻڌل وچن جي ڪري بي‌جوت ٿي پيو.

11 سو جيڪڏهن اها ناس ٿيندڙ شيءِ جوت واري هئي تہ هيءَ ابناسي شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جوت واري هوندي!

12 تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان سيوا ڪريون ٿا.

13 سو اسين ائين نہ ٿا ڪريون جيئن موسيٰ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي پردو ٿي وڌو تہ جيئن بني اسرائيل انهيءَ جوت تي غور نہ ڪن، جيڪا گھٽجندڙ ۽ ناس ٿيندڙ هئي.

14 پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي وچن‌نامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.

15 هائو، اڄ ڏينهن تائين جڏهن بہ موسيٰ جو شاستر پڙهيو وڃي ٿو، تڏهن سندن دلين تي پردو پيل رهي ٿو.

16 پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل پرميشور ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو.

17 هتي پرميشور مان مراد جيون ڏيندڙ پوِتر آتما آهي ۽ جتي پرميشور جي آتما آهي اتي آزادي آهي.

18 سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي پرڀوءَ جي جوت جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس مهان روپ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم پرميشور پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ڪري ٿو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan