2.ڪرنٿين 2 - Hindu Sindhi Bible1 سو مون پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي تہ آءٌ وري اوهان وٽ اچي رنج واري حالت پيدا نہ ڪندس. 2 ڏسو، جيڪڏهن آءٌ اوهان کي رنج پهچايان تہ مون کي ڪير خوش ڪندو، سواءِ اوهان جي جن کي منهنجي ڪري رنج پهچي؟ 3 مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي. 4 سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجو اوهان سان ڪيڏو نہ گھڻو پريم آهي. رنجائيندڙ کي معاف ڪرڻ 5 جيڪڏهن ڪنهن مون کي رنجايو آهي تہ انهيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوهان سڀني کي بہ رنجايو آهي. پر آءٌ انهيءَ ڳالهہ تي گھڻو زور ڏيڻ نہ ٿو چاهيان، 6 ڇاڪاڻ تہ جيڪا سزا اوهان مان گھڻن ماڻهن جي طرفان کيس ملي آهي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي. 7 اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي. 8 تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪريو. 9 ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ. 10 جنهن کي اوهين معاف ڪريو ٿا تنهن کي آءٌ بہ معاف ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالهہ هئي يا نہ، تہ بہ مسيح جي شرڻ ۾ اوهان جي خاطر معاف ڪئي اٿم. 11 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون. تروآس ۾ پولس جي بيآرامي 12 جڏهن آءٌ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس شهر ۾ پهتس تہ پرڀو يسوع جي طرفان مون لاءِ سيوا ڪرڻ جو هڪڙو در کُلي پيو. 13 پر جڏهن مون ڀاءُ طيطس کي اتي نہ ڏٺو، تڏهن منهنجي دل کي آرام نہ آيو. سو آءٌ اتان جي ماڻهن کان موڪلائي مڪدُنيا صوبي ۾ آيس. جيون بخشيندڙ خوشبوءِ 14 ايشور جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو. 15 هائو، اسين ايشور جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا مڪتي حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي، 16 يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي جيون بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟ 17 ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين ايشور کي حاضر ڄاڻيندي ايشور جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society