2.ڪرنٿين 12 - Hindu Sindhi Bibleپنهنجي ڪمزورين تي پولس جو فخر 1 ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي درشن ۽ آڪاشواڻيون مون کي پرڀو يسوع کان مليون آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس. 2 آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو آڪاش تي کنيو ويو. مون کي سڌ نہ آهي تہ هو شرير سميت يا شرير کان سواءِ کنيو ويو. اهو ايشور ئي ڄاڻي ٿو. 3 هائو، رڳو ايشور ڄاڻي ٿو تہ اهو شخص شرير سميت يا شرير کان سواءِ 4 اوچتو سُرڳ ۾ پهچايو ويو. اتي هن اهڙيون زبردست ڳالهيون ٻڌيون جن کي بيان ڪرڻ جي ڪنهن بہ انسان کي اجازت نہ آهي. 5 جيتوڻيڪ اهو شخص آءٌ پاڻ آهيان، تنهن هوندي بہ انهيءَ باري ۾ آءٌ رڳو ٻئي شخص تي فخر ڪندس. آءٌ رڳو پنهنجي ڪمزورين جي ڪري پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندس. 6 پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ مورک نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي. 7 انهيءَ درشن جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي شرير ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان. 8 هن بابت مون ٽي دفعا پرڀو يسوع کي منٿ ڪئي تہ اهو مون کان پري ڪيو وڃي. 9 پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجي ڪرپا تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي شڪتي ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي شڪتي منهنجي مٿان ڇانيل رهي. 10 سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، اپمانن ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان. ڪرنٿين لاءِ پولس جي چنتا 11 آءٌ مورک تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ساراهہ نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا سنت سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان. 12 جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ چمتڪارن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. 13 ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اوهين وشواسين جي ٻين منڊلين کان گھٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آءٌ اوهان تي بار نہ ٿيس؟ جيڪڏهن اها غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو. 14 هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماتا پتا کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماتا پتا جي لاءِ. 15 تنهنڪري آءٌ اوهان جي خاطر وڏي خوشيءَ سان پنهنجو سڀ ڪجھہ خرچ ڪري ڇڏيندس، بلڪ پنهنجي جان بہ ڏيئي ڇڏيندس. سو جڏهن آءٌ اوهان سان ايڏو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ ڇو اوهين مون سان گھٽ پيار ٿا ڪريو؟ 16 بس! اهو ظاهر ٿي ويو تہ آءٌ اوهان تي بار نہ بڻيس. پر ڪي وري ائين چون ٿا تہ مون چالاڪي ڪري اوهان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو. 17 ڀلا مون پنهنجي موڪليل ماڻهن مان ڪنهن جي بہ وسيلي اوهان کان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ 18 مون طيطس کي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوهان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ هلياسين ڇا؟ 19 ڇا اڃا تائين اوهين ائين سمجھو ٿا تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيا آهيون؟ نہ، اسين تہ ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي مسيح جا هئڻ جي حيثيت سان ڳالهايون ٿا. اي پريميؤ! هي سڀ ڪجھہ اوهان جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ آهي. 20 تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، ساڙ، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن. 21 هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو ايشور متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ بيحيائيءَ وارا ڪم ڪري پاپ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society