Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 10 - Hindu Sindhi Bible


پولس جو پنهنجي اختياريءَ بابت ٻڌائڻ

1 هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ

2 جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت سنساري آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.

3 جيتوڻيڪ اسين سنسار ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ سنساري نيت سان نہ ٿا وڙهون،

4 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار سنساري نہ، پر ايشور جي شڪتيءَ وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،

5 يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي وس هيٺ ٿا ڪريون.

6 سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح وس هيٺ ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.

7 اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون.

8 پرڀو يسوع اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي وشواس ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.

9 اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي خطن ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.

10 بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“

11 اهڙا ماڻهو سمجھي ڇڏين تہ جهڙو پرپٺ اسين خطن ۾ لکون ٿا، تهڙو ئي روبرو عمل بہ ڪريون ٿا.

12 اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي همت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي ساراهہ پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري مورک ٿا بڻجن.

13 پر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين. اسان جو سيوا وارو فخر رڳو انهيءَ حد جي اندر هوندو جيڪا ايشور اسان لاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو.

14 جيڪڏهن اسين اوهان تائين نہ پهچون ها تہ پوءِ اسان جو فخر حد کان وڌيڪ ليکجي ها. پر اسان تہ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندي اوهان تائين پهريائين پهچي ويا هئاسين.

15 اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو وشواس وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو،

16 تہ جيئن اسين اوهان جي سرحد کان پري وارن علائقن ۾ بہ خوشخبري ٻڌايون. اسين نہ ٿا چاهيون تہ ڪنهن ٻئي جي ڪيل ڪم تي فخر ڪريون.

17 بهرحال پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو پرميشور تي فخر ڪري.“

18 ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي ساراهہ پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو پرميشور آڏو سچو آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan