Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ڪرنٿين 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن آهي.

2 شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


دلداري ڏيندڙ ايشور

3 مهما هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور ۽ پتا آهي. هو ديا وارو پتا ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ ايشور آهي.

4 هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.

5 جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي.

6 جيڪڏهن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اها اوهان جي دلداريءَ ۽ مڪتيءَ لاءِ آهي. وري جيڪڏهن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اها بہ اوهان جي ئي لاءِ آهي. اها دلداري اوهان کي صبر سان ساڳيا ڏک سور سهڻ جي شڪتي ڏئي ٿي جيڪي اسين بہ سهون ٿا.

7 تنهنڪري اسان کي اوهان لاءِ پڪي اميد رهي ٿي تہ اوهين همت نہ هاريندا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ جهڙيءَ طرح اوهين ڏک سور ۾ اسان سان شريڪ رهو ٿا، تهڙيءَ طرح انهيءَ دلداريءَ ۾ بہ شريڪ آهيو جيڪا اسان کي ملي ٿي.

8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيوت رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.

9 سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر ايشور تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو.

10 هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.

11 جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.


سفر ۾ تبديلي ڪرڻ بابت کولي ٻڌائڻ

12 اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.

13-14 ڏسو، اسين اوهان ڏانهن ڪا اهڙي ڳالهہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوهين پڙهي يا سمجھي نہ سگھو. هاڻي اوهين اسان بابت رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا، پر اميد آهي تہ اوهين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. تڏهن پرڀو يسوع جي اچڻ واري ڏينهن اوهين اسان تي ائين ئي فخر ڪري سگھندا جيئن اسين اوهان تي.

15 جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون آسيسون ملن.

16 يعني آءٌ اوهان وٽان ٿيندو مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃان ۽ اتان موٽي وري اوهان وٽ اچان. پوءِ اوهين منهنجي مدد ڪري يهوديہ صوبي ڏانهن روانو ڪريو.

17 تہ پوءِ جڏهن مون اهو منصوبو جوڙيو تڏهن ان ۾ ڦيرڦار جو سوچيو هئم ڇا؟ يا جن ڳالهين جو آءٌ ارادو ٿو ڪريان، سو ڇا سنساري ماڻهن وانگر ٿو ڪريان، جو ڪڏهن ”ها“ ڪريان تہ وري ساڳئي وقت ڪڏهن ”نہ“؟

18 ڏسو، ايشور جيڪو وچن جو سچو آهي، سو منهنجو شاهد آهي تہ اوهان سان اسان جو وچن جيڪڏهن ”ها“ ۾ آهي تہ انهيءَ ۾ ”نہ“ شامل نہ آهي.

19 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور جو پٽ يسوع مسيح جنهن جو پرچار مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪيو هو، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.

20 ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا.

21 اهو ايشور ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. ايشور ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.

22 هن ئي اسان جي دلين تي پنهنجي مالڪيءَ جي مُهر هنئي آهي. اها مُهر پوِتر آتما آهي، جيڪا اسان جي دلين ۾ وجھي هن پنهنجي وچنن جو بيانو ادا ڪيو آهي.

23 سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل ايشور منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.

24 مطلب تہ وشواس جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan