1.تيمٿيس 6 - Hindu Sindhi Bible(وشواسي غلامن کي نصيحت) 1 جيڪي وشواسي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوري مانسمان جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي نالي جي ۽ اسان جي سکيا جي بدنامي نہ ٿئي. 2 جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هموشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر. ڪُوڙي سکيا ۽ دولت جي لالچ 3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ ڌرمچاريءَ واري سکيا کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي سکيا ٿو ڏئي 4 تہ اهو مغرور آهي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. هن کي بحث مباحثي ۽ ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار ڪرڻ جو مرض آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڙ، جھيڙا، گلاخوري ۽ شڪ شبها پيدا ٿين ٿا. 5 عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻبڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا. 6 بيشڪ ڌرمچاري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي، 7 ڇاڪاڻ تہ اسان سنسار ۾ نہ ڪجھہ آندو آهي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون. 8 سو جيڪڏهن اسان وٽ رڳو خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آهي تہ انهيءَ تي ئي راضي رهون. 9 پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي مورکتا ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. 10 ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون. تيمٿيس کي تاڪيد ڪرڻ 11 پر اي ايشور جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، ڌرمچاريءَ، وشواس، پريم، ثابت قدميءَ ۽ نمرتا جو ڳولائو رهجانءِ. 12 تون وشواس جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ امر جيون کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو. 13 آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، جيڪو هر جاندار کي جيون ٿو بخشي ۽ يسوع مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي 14 تون اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين انهيءَ حڪم تي بيداغ ۽ بيالزام رهي عمل ڪر. 15 ايشور پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي ايشور مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو وڏيءَ مهما وارو ۽ اڪيلو حاڪم آهي ۽ جيڪو راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو آهي. 16 رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مانسمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين. 17 جيڪي هموشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون. 18 انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن. 19 انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙو جيون هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪو حقيقي آهي. 20 اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي سنڀال ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ گيان کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي گيان چوڻ ئي غلط آهي. 21 ڪي ماڻهو اهڙي گيان جا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن. اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society