Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تيمٿيس 5 - Hindu Sindhi Bible


وشواسين سان سلوڪ 5‏:1‏–6‏:2

1 ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پتا وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ.

2 وڏي عمر وارين نارين کي ماتا وانگر ۽ جوان نارين کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پوِترتائيءَ سان سمجھاءِ.


(وڌوائن بابت نصيحت)

3 انهن وڌوائن جو پوريءَ طرح مان ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.

4 پر جيڪڏهن ڪنهن وڌوا کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان ڌرمچاريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماتا پتا ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ ايشور کي اهو پسند آهي.

5 اهڙي وڌوا جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا ايشور تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن ايشور کي منٿون ڪرڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ مگن ٿي رهي.

6 پر جيڪا وڌوا عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيوت ئي مئل آهي.

7 انهن ڳالهين لاءِ سڀني کي تاڪيد ڪر تہ جيئن ڪنهن تي بہ ڪا تهمت نہ لڳي.

8 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو وشواس کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو وشواس ڪونهي.

9 وڌوائن جي ياداشت نامي ۾ انهيءَ وڌوا جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي پتيءَ سان وفادار ٿي رهي هجي.

10 اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.

11-12 پر جوان وڌوائن کي انهيءَ ياداشت نامي ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي شرير جي خواهشن جي وس هيٺ ٿي ڪري شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن ياداشت نامي ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل وچن ٽوڙي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن.

13 انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.

14 تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان وڌوائون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ڦٽ لعنت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.

15 آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چاهيان جو هن کان اڳ ڪي وڌوائون ڀَٽڪي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آهن.

16 جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ناريءَ جي گھراڻي ۾ ڪي وڌوائون هجن، تہ اها ئي سندن پرگھور لهي. منڊليءَ تي انهن جو بار نہ پوڻ کپي، تہ جيئن منڊلي انهن وڌوائن جي پرگھور لهي سگھي جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.


(اڳواڻن بابت نصيحت)

17 جيڪي اڳواڻ منڊليءَ جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي پرچار ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي مان‌سمان سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.

18 پوِتر شاستر ۾ بہ ائين ئي لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.“

19 ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ.

20 پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ڦٽ لعنت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.

21 آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور، يسوع مسيح ۽ آڪاشي دوتن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن ساڙ جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.

22 ڪنهن ماڻهوءَ کي سيوا لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي پاپن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پوِتر رکجانءِ.

23 معدي ۾ تڪليف ۽ اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري هاڻي رڳو پاڻي ئي نہ پيئندو ڪر، بلڪ ٿوري مئي بہ استعمال ڪندو ڪر.

24 هيءَ ڳالهہ ياد رک تہ ڪن ماڻهن جا پاپ سندن عدالت ۾ پهچڻ کان اڳي ئي صاف ظاهر ٿا ٿين، پر ڪن جا پاپ بعد ۾ ظاهر ٿيو پون.

25 ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan