Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تيمٿيس 4 - Hindu Sindhi Bible


(ڀَٽڪائيندڙن کان بچڻ لاءِ)

1 پوِتر آتما صاف طور چوي ٿي تہ انتم ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو وشواس کان ڦري ڀَٽڪائيندڙ آتمائن ۽ ڀوتن جي سکيا تي ڌيان ڏيندا.

2 اهڙيون ڳالهيون انهن ڪوڙن ماڻهن جي پاکنڊپائيءَ ڪري ٿينديون، جن جي ضمير کي شيطان ڏنڀ هڻي پنهنجو ظاهر ڪيو آهي.

3 اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون ايشور انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو وشواس رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.

4 ايشور جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي ايشور جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،

5 ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ايشور جي فرمان ۽ ماڻهن جي پرارٿنا جي ڪري پوِتر ٿي پوي ٿو.


(سٺي سيوا ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي آگاهي)

6 جيڪڏهن تون وشواسين کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ يسوع مسيح جو سٺو سيواداري ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ وشواس وارين ڳالهين ۽ سٺي سکيا سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.

7 اجاين ۽ سکڻين ڪهاڻين تي ڌيان نہ ڏي، اٽلندو پاڻ ۾ ڌرمچاريءَ جي پرورش ڪر.

8 انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ شرير جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر ڌرمچاري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ جيون جي لاءِ وچن بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.

9 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي.

10 انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيوت ايشور تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري وشواسين کي مڪتي ڏيندڙ آهي.

11 اهي ڳالهيون سيکاريندي ماڻهن کي مٿن عمل ڪرڻ جو حڪم ڏي.

12 ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، پريم ۾، وشواس ۾ ۽ پوِترتائيءَ ۾ وشواسين لاءِ نمونو ٿيءُ.

13 جيستائين آءٌ اچان تيستائين ماڻهن ۾ پوِتر لکتون پڙهي ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ ۾ مگن رهہ.

14 جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.

15 انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.

16 پاڻ کي ۽ پنهنجي سکيا کي جاچيندو رهہ. انهن هدايتن تي ثابت قدم رهہ، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون پنهنجي ۽ پنهنجي ٻڌڻ وارن جي مڪتيءَ جو سبب بڻبين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan