Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تيمٿيس 3 - Hindu Sindhi Bible


منڊليءَ جو سنڀاليندڙ ٿيڻ لاءِ شرط

1 اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو وشواسي منڊليءَ ۾ سنڀاليندڙ جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.

2 تنهنڪري ضروري آهي تہ سنڀاليندڙ تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ سکيا ڏيڻ جي لائق هجي.

3 هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ نماڻو هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.

4 هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان وس هيٺ رکڻ وارو هجي.

5 ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو ايشور جي منڊليءَ جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟

6 هو تازو وشواس آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان وانگر پاپي قرار ڏنو وڃي.

7 انهيءَ کان علاوہ جيڪي منڊليءَ کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڦٽڪار هيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


منڊليءَ جو سيواداري ٿيڻ لاءِ شرط

8 ساڳيءَ طرح منڊليءَ جا سيوڪ بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.

9 اهي وشواس وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.

10 هي بہ ضروري آهي تہ پهريائين انهن کي پرکيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي سيوڪ طور ڪم ڪن.

11 ساڳئي نموني سيواداري ناريون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.

12 هر هڪ سيوڪ پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي.

13 سو جيڪي سيوڪ چڱيءَ طرح سيوا ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو وشواس کين يسوع مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.


منڊليءَ لاءِ هدايتن جا سبب 3‏:14‏–4‏:16 (ايشور جو گھراڻو سچ جو ٿنڀو)

14 مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان

15 جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.

16 انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan