1.تيمٿيس 2 - Hindu Sindhi Bibleڀڳتيءَ بابت هدايتون 1 هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، پرارٿنائون، وينتيون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن. 2 خاص ڪري راجائن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ پرارٿنا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري ڌرمچاريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان سک ۽ شانتيءَ وارو جيون گذاريون. 3 اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي نظر ۾ وڻندڙ آهي. 4 هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو مڪتي حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. 5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي. 6 هن سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جو اهو ٻليدان هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي. 7 انهيءَ شاهديءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي سکيا ڏيان تہ جيئن اهي وشواس آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. 8 منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر ڀڳتيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پوِتر هٿن سان پرارٿنا ڪن. 9 منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ ناريون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان، 10 بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن نارين کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي ايشور ڀڳت ٿيون چوائين. 11 نارين کي گھرجي تہ خاموش رهندي پوري تابعداريءَ سان سکيا حاصل ڪن. 12 آءٌ آگيا نہ ٿو ڏيان تہ ناريون مردن کي سکيا ڏين يا مٿن حڪم هلائين، بلڪ اهي خاموش رهن. 13 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پهريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا. 14 اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني ناري ٺڳجي ويئي ۽ ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين. 15 تنهن هوندي بہ ناري ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود مڪتي حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها وشواس، پريم ۽ پوِترتائيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society