Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تيمٿيس 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور ۽ اسان جي اميد مسيح يعني يسوع جي حڪم سان هن جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان.

2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.


غلط سکيا خلاف تاڪيد

3 جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي سکيا نہ ڏين،

4 نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ ابن ڏاڏن جي بي‌انت فهرستن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ ايشور جي انهيءَ انتظام جو جيڪو وشواس رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.

5 منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو.

6 ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان ڀَٽڪي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن.

7 اهي نيم شاستري تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.

8 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو نيم چڱو آهي، بشرطيڪ انهيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪيو وڃي.

9 اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ نيم نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهيو آهي. پر اهو نافرمانن ۽ فسادين، بي‌ڌرمين ۽ پاپين، ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙن ۽ ايشور جي نندا ڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهيو آهي جيڪي ماتا پتا کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.

10 اهو زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح سکيا جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.

11 اها صحيح سکيا مهما واري ايشور جي انهيءَ مهانتا ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.


ايشور جي ديا لاءِ شڪرگذاري

12 اسان جو پرڀو يسوع مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي سيوا لاءِ مقرر ڪيو آهي.

13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.

14 بيشڪ، اسان جي پرميشور جي ڪرپا مون تي نهايت ئي گھڻي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري وشواس ۽ پريم بخشيو ويو.

15 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ يسوع مسيح پاپين کي مڪتي ڏيڻ لاءِ سنسار ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو پاپي آءٌ آهيان.

16 انهيءَ سبب ئي ايشور مون تي ديا ڪئي تہ جيئن يسوع مسيح مون وڏي پاپيءَ ۾ پنهنجي پوري پوري بردباري ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس وشواس آڻي امر جيون حاصل ڪندا.

17 هاڻي شل امر راجا يعني ابناسي، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ هڪڙي ئي ايشور جو مان‌سمان ۽ مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

18 اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت ايشور جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي وشواس ۽ صاف ضمير کي قائم رک.

19 ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي وشواس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

20 همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ايشور جي نندا کان مُڙي وڃڻ سکن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan