Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ٿسلونيڪين 5 - Hindu Sindhi Bible


پرڀو يسوع جي اچڻ لاءِ سجاڳ رهو

1 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اهو سڀ ڪجھہ ٿيڻ واري وقت ۽ زماني جي باري ۾ اسان کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانهي،

2 ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.

3 جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي پرگھٽ ٿيندي جيئن پيٽ واري ناريءَ کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.

4 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو جو اهو ڏينهن چور وانگر اوچتو اوهان مٿان اچي پوي.

5 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اوهان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينهن سان گَهرو واسطو آهي. هائو، اسان وشواسين جو رات يا اونداهيءَ سان ڪوبہ واسطو ڪونهي،

6-7 ڇاڪاڻ تہ ماڻهو رات جو ئي سمهن ٿا ۽ رات جو ئي مئي پي نشي ۾ چور ٿا ٿين. سو اسين انهن رات وارن وانگر سمهي نہ رهون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ هوشيار رهون.

8 هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي وشواس ۽ پريم جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي مڪتيءَ جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،

9 ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي ڏمر سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مڪتي حاصل ڪريون.

10 هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيوت هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيوت رهون.

11 تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.


وڌيڪ هدايتون

12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي وينتي ٿا ڪريون تہ اوهين انهن جو قدر ڪريو جيڪي اوهان منجھہ محنت ڪن ٿا ۽ پرڀو يسوع ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي نصيحت ٿا ڪن.

13 هائو، سندن انهيءَ سيوا جي ڪري پيار سان کين وڏو مان ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.

14 انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي ڌيرج سان پيش اچو.

15 خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بڇڙائيءَ جي عيوض بڇڙائي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.

16 هر وقت خوش رهو.

17 سدائين پرارٿنا ڪندا رهو.

18 هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ يسوع مسيح ۾ اوهان لاءِ ايشور جي اها ئي مرضي آهي.

19 پوِتر آتما جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.

20 جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي ايشور جو سنديش آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو.

21 سڀني ڳالهين کي پرکيو، جيڪا چڱي هجي تنهن کي اختيار ڪريو

22 ۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


آخر ۾ نمسڪار ۽ پرارٿنا

23 شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

24 اوهان کي سڏڻ وارو سچو آهي ۽ هو ائين ئي ڪندو.

25 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ پرارٿنا ڪريو.

26 سڀني وشواسين کي اسان جي طرفان پريم ڀريا نمسڪار ڏجو.

27 آءٌ پرڀوءَ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني وشواسين اڳيان پڙهيو وڃي.

28 شل اوهان تي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ٿيندي رهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan