1.ٿسلونيڪين 3 - Hindu Sindhi Bible1 تنهنڪري جڏهن اسين اوهان کان جدا رهڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏهن اسان بهتر سمجھيو تہ اٿينس شهر ۾ ڀلي اڪيلا رهجي وڃون، 2 پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو وشواسي ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ايشور جو سيواداري آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي، 3 تہ جيئن انهيءَ ستائجڻ سان اوهان مان ڪو گھٻرائجي نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسين وشواسي ستائجڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهيون. 4 ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان وشواسين کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو. 5 اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي وشواس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي. تيمٿيس جو تسلي بخش احوال 6 پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي وشواس ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي. 7 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنهنجي تنگيءَ ۽ مصيبتن ۾ بہ اوهان جي وشواس جي ڪري اوهان بابت تسلي ٿي، 8 ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع تي اوهان جي وشواس قائم رهڻ سان ئي اسان جي شرير ۾ ساهہ آهي. 9 اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي ايشور جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ادا ڪريون! 10 اسين رات ڏينهن تن ۽ من سان پرارٿنا ڪندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي وشواس ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون. 11 شل اسان جو ايشور پتا پاڻ ۽ اسان جو پرڀو يسوع اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون. 12 جيئن اسان کي اوهان سان بيحد پريم آهي، تيئن پرڀو يسوع شل اوهان جو پريم بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻو وڌائيندو رهي. 13 ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بيعيب قرار ڏنا وڃو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society