Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ٿسلونيڪين 2 - Hindu Sindhi Bible


پولس جو پنهنجي رويي بابت ٻڌائڻ

1 سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.

3 اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جو پرچار ڀَٽڪائڻ وارو نہ هو، نڪي اسان جو مقصد اپوِتر هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي.

4 ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.

5 اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. ايشور انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.

6 اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.

7 اٽلندو اسين اوهان سان اهڙي نرميءَ سان هلياسين، جهڙيءَ طرح ماتا پنهنجي ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي.

8 انهيءَ طرح اسان کي اوهان لاءِ ايڏي تہ پريت هئي جو اسان اوهان کي نہ رڳو ايشور جي خوشخبري ٻڌائي، بلڪ پنهنجي جان بہ اوهان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ تہ اوهين اسان جا ڏاڍا پيارا ٿي ويا هئا.

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي ايشور جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

10 اوهين شاهد آهيو ۽ ايشور بہ شاهد آهي تہ اوهان وشواسين سان اسان جي هلت چلت ڪهڙي نہ پوِتر، سچي ۽ بي‌داغ هئي.

11 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پتا پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.

12 اسين اوهان کي همتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رهياسين تہ اوهين ايشور جي لائق جيون گذاريو، جيڪو اوهان کي پنهنجي راڄ ۽ جوت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو.

13 انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ ايشور جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي ايشور جو سنديش مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن ايشور جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان وشواسين تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.

14 انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ايشور جي انهن منڊلين جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ يسوع مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن منڊلين پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.

15 يهودين پرڀو يسوع کي توڙي سنديش ڏيندڙ سنتن کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي ايشور کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.

16 اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن مڪتيءَ جو سنديش ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن پاپن جي ڀريل مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ ايشور جو ڏمر انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


ٿِسلُنيڪين سان وري ملڻ لاءِ پولس جي سڪ

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو شرير جي لحاظ کان جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

18 انهيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، هڪ کان وڌيڪ دفعا اوهان وٽ اچڻ چاهيو، پر شيطان اسان کي روڪيو.

19 ڀلا، اسان جي پرڀو يسوع جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس شرڻ ۾ حاضر هوندا؟

20 هائو، اسان جو فخر ۽ خوشي اوهين ئي تہ آهيو.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan