1.ٿسلونيڪين 1 - Hindu Sindhi Bible1 هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي. ٿِسلُنيڪين جو وشواس ۽ مثالي جيون 2 اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ ايشور جو شڪر ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون. 3 هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي. 4 اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي ايشور جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين ايشور جو شڪر ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي. 5 انهيءَ لاءِ جو جيڪا خوشخبري اسان اوهان وٽ پهچائي سا نہ رڳو لفظي طور پر شڪتيءَ، پوِتر آتما ۽ پوري وشواس سان پهتي آهي. اوهين بہ اسان بابت ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اوهان جي خاطر ڪهڙو جيون گذاريوسين. 6 اوهين اسان جي ۽ پرڀو يسوع جي نقشِقدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پوِتر آتما جي مليل خوشيءَ سان ايشور جو سنديش قبول ڪيو. 7 ايتري قدر جو اوهين مڪدُنيا ۽ اخيا صوبن جي سڀني وشواسين لاءِ نمونو ٿيا. 8 اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري پرڀو يسوع بابت سنديش ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو ايشور تي وشواس هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي. 9 ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوجا کي ڇڏي ايشور ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين جيوت ۽ سچي ايشور جي ڀڳتي ڪريو 10 ۽ آڪاش مان سندس پٽ جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جيوت ڪيو. اهو پٽ يسوع ئي آهي، جيڪو اسان کي ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچائي ٿو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society