Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.پطرس 4 - Hindu Sindhi Bible


ايشور جي مرضيءَ موجب جيون گذارڻ

1 هاڻ جيئن تہ مسيح هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن پاپي سنسار ۾ تڪليف سٺي آهي، سو پاپ تي حاوي پيو آهي.

2 اڳتي هو پنهنجو باقي جيون هن پاپي سنسار جي انساني خواهشن موجب نہ، پر ايشور جي مرضيءَ موجب گذاريندو.

3 گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.

4 هاڻي انهن غير وشواسين کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.

5 پر کين ايشور کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيوت ماڻهن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

6 مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيوت هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن آتمڪ طور اهي ايشور آڏو جيوت رهن، جيتوڻيڪ هن پاپي سنسار ۾ سندن جيوت ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي.

7 سنسار جي انت جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين پرارٿنا ڪرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.

8 سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.

9 بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهمان‌نوازي ڪريو.

10 هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.

11 مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


مسيح جو هئڻ سبب تڪليفون سهڻ

12 اي پريميؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا انوکي ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.

13 اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.

14 جيڪڏهن مسيح جي نالي جي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪئي ٿي وڃي تہ اوهين سڀاڳا آهيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نهايت مهانتا واري آتما جي ڇانوَ اوهان تي آهي.

15 سو انهيءَ لاءِ ائين نہ ٿئي جو اوهان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندڙ ٿي تڪليف سهي.

16 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري ايشور جي مهما ڪندو رهي.

17 هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت ايشور جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انت ٿيندو جيڪي مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟

18 اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”جيڪڏهن سچار ئي وڏيءَ مشڪل سان ٿا بچي نڪرن، تہ پوءِ ايشور کان پري رهندڙ پاپين جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“

19 تنهنڪري جيڪي ايشور جي مرضيءَ موجب تڪليفون ٿا سهن، سي نيڪ ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ کي سچي ڪرتار جي حوالي ڪن.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan