1.پطرس 3 - Hindu Sindhi Bible(پتين ۽ پتنين لاءِ تاڪيد) 1-2 اي پتنيون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت سنديش کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان پتنين جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي ايشور جو خوف ڪندي ۽ پوِتر هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي ايشور ڏانهن ڇڪجي اچن. 3 اوهان جو سينگار وار ڳُتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدا ڪپڙا پهرڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گھرجي. 4 ان جي بدران اوهان جي اندر واري انسانيت نماڻي ۽ نرم سڀاءَ جي ابناسي سينگار سان سينگاريل هجي. ايشور جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي. 5 اڳئين زماني ۾ بہ ايشور تي ڀروسو رکندڙ پوِتر ناريون پنهنجي پنهنجي پتيءَ جي وس هيٺ رهي انهيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون هيون. 6 اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابرهام جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو سوامي چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو. 7 اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون. (وشواسين جي ذميوارين جو نچوڙ) 8 مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ وارو سڀاءُ اختيار ڪريو. 9 بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. 10 ڏسو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ جيون سکيو گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي. 11 هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ شانتيءَ جو ڳولائو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي. 12 انهيءَ ڪري جو پرميشور جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي پرارٿنا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“ سچائيءَ خاطر تڪليفون سهڻ 13 جيڪڏهن اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آهيو تہ ڪير اوهان سان برائي ڪندو؟ 14 پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو. 15 پر مسيح کي پرڀو ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ کيس مان ڏيو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، ايشور جو خوف رکڻ سان 16 ۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا. 17 ڏسو، جيڪڏهن ايشور جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي. 18 مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو. 19 انهيءَ حالت ۾ هن انهن آتمائن وٽ وڃي پنهنجي سوڀ جو اعلان ڪيو جيڪي قيد ۾ هيون. 20 هي اهي آتمائون هيون، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت ايشور صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا. 21 اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ شرير جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان ايشور سان وچن ڪجي. اها بپتسما يسوع مسيح جي وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي. 22 هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society