1.پطرس 2 - Hindu Sindhi Bibleجيوت پٿر ۽ مخصوص قوم 1 انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، پاکنڊپائي، ساڙ ۽ هر قسم جي گلا کي پاڻ کان پري اڇلايو. 2 انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير ٿا چاهين، تيئن اوهين بہ ايشور جي فرمانن وارين نج ڳالهين جو چاهہ رکندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل مڪتيءَ ڏانهن وڌندا ويندا. 3 هائو، اوهين چاهہ رکندا، بشرطيڪ اوهان پرميشور جي ڪرپالو هئڻ جو سواد چکيو هجي. 4 اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيوت پٿر، يعني يسوع مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر ايشور ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو. 5 اوهين بہ جيوت پٿرن وانگر اڏجي ايشور جو آتمڪ گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پوِتر ڪاهنن جي مخصوص منڊليءَ جا رڪن بڻجي اهڙا آتمڪ ٻليدان پيش ٿا ڪريو، جيڪي يسوع مسيح جي وسيلي ايشور وٽ قبول پون ٿا. 6 هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي وشواس آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“ 7 تنهنڪري اوهان وشواس آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر وشواس نہ آڻڻ وارن لاءِ پوِتر شاستر ۾ هي لکيل آهي تہ ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“ 8 ۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو ايشور جي فرمان تي وشواس نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن. 9 پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي. 10 اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين ايشور جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي ديا ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي ايشور جي ديا ٿي اٿوَ. مسيح ۾ وشواسين جون ذميواريون 2:11–3:12 11 اي پريميؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن سنسار ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي شرير جي انهن خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي آتما سان جنگ ٿيون جوٽين. 12 غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو. (حاڪمن جي وس هيٺ رهڻ) 13 پرميشور جي خاطر هر انساني اختيار جي وس هيٺ رهو مثال طور مهاراجا جي، انهيءَ ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ اختيار وارو آهي. 14 اهڙيءَ طرح حاڪمن جي وس هيٺ انهيءَ ڪري رهو جو اهي مهاراجا جا مقرر ڪيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ اهي بڇڙن کي سزا ڏين ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن جي ساراهہ ڪن. 15 اهڙي نموني ئي اوهين وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين مورکتا جون ڳالهيون ڪرڻ وارن مورک ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو. 16 اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ ايشور جي داسن وانگر جيون گذاريو. 17 سڀني جو مانسمان ڪريو، وشواسي ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، ايشور جو خوف رکو ۽ مهاراجا جو مانسمان ڪريو. (تڪليفن سهڻ ۾ مسيح غلامن لاءِ نمونو) 18 اي غلامؤ! ڏاڍي ادب سان پنهنجن مالڪن جي وس هيٺ رهو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم سڀاءَ وارن جي، بلڪ ظالمن جي بہ. 19 هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي بيانصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي. 20 ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي. 21 انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِقدم تي هلندا رهو. 22 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو پاپ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“ 23 هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين. 24 هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. 25 هائو، اڳي اوهين ڀَٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجين آتمائن جي ڌنار ۽ سنڀاليندڙ وٽ موٽي آيا آهيو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society