Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.پطرس 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي ايشور جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.

2 ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي.


جيوت اميد

3 شل ايشور جي مهما هجي جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي، جنهن پنهنجي وڏي ديا سان يسوع مسيح جي مئلن مان وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيوت اميد پيدا ڪئي ويئي

4 تہ اسين هڪ ابناسي، بي‌داغ ۽ امر ورثو حاصل ڪريون، جيڪو وشواسين لاءِ ايشور وٽ آڪاش تي رکيل آهي.

5 اوهين ايشور جي شڪتيءَ سان وشواس جي وسيلي سنڀال هيٺ آهيو، ايستائين جو اها مڪمل مڪتي حاصل ڪريو جيڪا انتم ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

6 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري اوهين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ في‌الحال ٿوري وقت لاءِ اوهان کي طرح طرح جي آزمائشن سبب ڏک ڏسڻا ٿا پون.

7 انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو وشواس خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو وشواس بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو ناس ٿيندڙ سون کان گھڻو قيمتي آهي. ايشور چاهي ٿو تہ اوهين يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت ساراهہ، شان وَ شوڪت ۽ مان‌سمان جي لائق قرار ڏنا وڃو.

8 جيتوڻيڪ اوهان يسوع کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس وشواس آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ مهانتا سان ڀرپور آهي،

9 ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس جي منزل، يعني مڪمل مڪتي حاصل ڪريو ٿا.

10 ايشور جي سنديش ڏيندڙ سنتن انهيءَ ئي مڪتيءَ جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايائون، جيڪا ايشور هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي.

11 اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.

12 انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


پوِتر جيون گذارڻ

13 تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ مڪتيءَ واري انهيءَ ڪرپا تي پوري اميد رکو جيڪا يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪئي ويندي.

14 اوهين ايشور جي فرمانبردار ٻارن وانگر جيون گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون.

15 انهيءَ جي بدران اوهين پنهنجي سموري هلت چلت ۾ اهڙيءَ طرح پوِتر ٿيو، جهڙيءَ طرح اوهان جو سڏڻ وارو پوِتر آهي.

16 هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”اوهين پوِتر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پوِتر آهيان.“

17 هاڻي جيڪڏهن اوهين پرارٿنا ڪندي ايشور کي پتا ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجو هي مسافرن وارو جيون سندس خوف ۾ گذاريو.

18 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون ناس ٿيندڙ شيون نہ هيون،

19 پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.

20 سنسار جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن انتم زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.

21 مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.

22 هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي وس هيٺ رهڻ سان پاڻ کي پوِتر ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي پريم جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري تن ۽ من سان پاڻ ۾ گَهرو پريم رکو.

23 اوهين ناس ٿيندڙ ٻج مان نہ، بلڪ ابناسي ٻج، يعني ايشور جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيوت ۽ امر رهڻ وارو آهي.

24 هن ڪري جو پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.

25 پر پرميشور جو فرمان هميشہ تائين قائم رهندو.“ هي اهو ئي فرمان آهي، جنهن جي خوشخبري اوهان کي ٻڌائي ويئي آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan