1.يوحنا 5 - Hindu Sindhi Bibleسنسار تي وشواس جي سوڀ 1 جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري. 2 سو جڏهن اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انهيءَ مان سڌ ٿي پوي تہ اسين ايشور جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون. 3 ايشور سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن. 4 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ ايشور جو ٻار بڻيو آهي، سو سنسار تي سوڀ حاصل ڪري ٿو. اها سوڀ جنهن اسان کي سنسار تي سوڀارو ڪيو آهي سا آهي اسان جو وشواس. 5 سنسار تي سوڀ انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو وشواس آهي تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي؟ ايشور جي پٽ بابت شاهدي 6 اهو يسوع مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي ايشور جي پٽ طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پوِتر آتما جيڪا خود سچ آهي، سا اها شاهدي ڏئي ٿي، 7 بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن، 8 يعني پوِتر آتما، پاڻي ۽ رت، جيڪي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ جي تصديق ڪن ٿا. 9 جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ ايشور جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ ايشور جي اها اهم شاهدي سندس پٽ جي حق ۾ آهي. 10 جيڪو ايشور جي پٽ تي وشواس رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ ايشور کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو ايشور جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس پٽ جي حق ۾ آهي. 11 اها شاهدي هيءَ آهي تہ ايشور اسان کي امر جيون بخشيو آهي ۽ اهو جيون ايشور جي پٽ ۾ آهي. 12 سو جنهن وٽ ايشور جو پٽ آهي تنهن وٽ جيون آهي ۽ جنهن وٽ ايشور جو پٽ نہ آهي تنهن وٽ جيون بہ ڪونهي. امر جيون 13 اوهين جيڪي ايشور جي پٽ جي نالي تي وشواس رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي امر جيون مليل آهي. 14 اسان کي ايشور جي شرڻ ۾ پورو پورو اعتماد آهي تہ جڏهن بہ اسين سندس مرضيءَ موجب ڪجھہ گھرون تہ هو اسان جي ٻڌندو. 15 جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو. 16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هموشواسيءَ کي اهڙو پاپ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ کپي، جيڪو کيس جيون بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا پاپ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو پاپ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ پاپ ڪرڻ واري بابت پرارٿنا ڪرڻ کپي. 17 هر بري ڳالهہ پاپ آهي، پر هر پاپ جو نتيجو موت نہ آهي. 18 اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي ايشور پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي پاپ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن سنڀال اهو ٿو ڪري جيڪو ايشور جو پٽ آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي. 19 هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي. 20 اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي. 21 سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society