1.يوحنا 3 - Hindu Sindhi Bible1 ڏسو، ايشور پتا جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر سنسار وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن ايشور کي بہ نہ ڄاتو. 2 اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي. 3 جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پوِتر ڪري جهڙو مسيح پوِتر آهي. 4 جيڪو بہ پاپ ڪري ٿو سو ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، پاپ ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي. 5 اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن پاپن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ. 6 تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو پاپ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو پاپ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي. 7 سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي. 8 جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري. 9 جيڪو ايشور جو ٻار آهي سو پاپ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو ايشور جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو پاپ ڪري ئي نہ ٿو سگھي. 10 سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي. هڪٻئي سان پيار 11 هي ئي اهو سنديش آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون. 12 اوهين قائن وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قائن پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قائن جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا. 13 سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن سنسار وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو. 14 اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري جيون ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هموشواسين سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي. 15 جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هموشواسيءَ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني امر جيون جي حالت ۾ نہ آهي. 16 اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هموشواسين لاءِ جان ڏيون. 17 جيڪڏهن ڪنهن وٽ سنسار جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هموشواسيءَ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس ديا نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا ايشور جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ ايشور آڏو پورو اعتماد 18 اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون. 19-20 انهيءَ مان اهو ڄاڻينداسين تہ اسين سچ تي آهيون ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اسان جي دل محسوس ڪري ٿي تہ اسين پاپي آهيون، تنهن جي باري ۾ اسين ايشور جي شرڻ ۾ خاطري ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪو سڀ ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن جي آڏو اسان جي دلين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ 21 اي پريميؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين پاپي آهيون، تڏهن ايشور جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا. 22 هاڻ جيڪو ڪجھہ اسين ايشور کان گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريون ٿا، جيڪي کيس پسند آهي. 23 هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس پٽ يسوع مسيح جي نالي تي وشواس آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي. 24 بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society