1.يوحنا 1 - Hindu Sindhi Bibleجيون جو وچن 1 اسين اوهان ڏانهن جيون جي وچن بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي. 2 هو جيڪو خود جيون هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ امر جيون بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪو ايشور پتا سان هو ۽ اسان تي ظاهر ٿيو. 3 جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح سان آهي. 4 هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. روشنيءَ ۾ هلڻ 5 هاڻي جيڪو سنديش اسان يسوع مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”ايشور روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“ 6 پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ ايشور سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون. 7 پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي. 8 جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي. 9 پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي. 10 هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان پاپ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ ايشور کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس سنديش موجود نہ آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society